Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ’موآبين يعني بني لوط کي نہ ستائجو، نڪي انهن سان ڇيڙڇاڙ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ميراث ڪانہ ڏيندس. هن ڪري جو عار جو شهر مون انهن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ خداوند مون کي چيو، تہ موآبين کي نہ ستاءِ، نڪي انهن سان جنگ ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ توکي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس؛ ڇوتہ عار جو شهر مون بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڏس، عمون، موآب ۽ ادوم جا ماڻهو اسان تي چڙهائي ڪري آيا آهن. جڏهن اسان جا ابا ڏاڏا مصر مان نڪري آيا تڏهن تون هنن کي سندن ملڪن منجھان گذرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اسان جا ابا ڏاڏا سندن ملڪن جي ٻاهران ئي ڦري ويا ۽ کين ناس نہ ڪيائون.


اشور ملڪ وارا بہ اچي انهن سان گڏيا آهن. اهي لوط جي اولاد موآبين ۽ عمونين جو ساڄو هٿ اچي بڻيا آهن.


موآب جي باري ۾ هي پيغام آهي تہ ”بيشڪ هڪڙيءَ ئي رات ۾ موآب جا شهر عار ۽ قير ويران ۽ نابود ٿي ويا. هائو، هڪڙيءَ ئي رات ۾ موآب ملڪ تي بربادي اچي ڪڙڪي.


انهن برساتي نهرن جون لاهيون پڻ، جيڪي عار شهر تائين آهن، بلڪ موآب جي ملڪ واري سرحد تائين ٿيون پهچن.“


ڏسو، حشبون شهر مان باهہ جي شعلي وانگر سيحون جي فوج نڪتي، جنهن موآب واري عار شهر کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ برساتي نهر ارنون وارن جبلن جي رهاڪو سردارن کي ڳهي ويئي.


موآبين مديانين جي اڳواڻن کي چيو تہ ”خبرداري ڪريو، ماڻهن جو هي انبوهہ تہ اسان جي آس‌پاس وارن سڀني کي ائين چٽ ڪري ڇڏيندو جيئن ڪو ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي.“ سو موآب جي بادشاهہ بلق


جيستائين اسين اردن درياءَ مان لنگھي انهيءَ ملڪ ۾ وڃون، جيڪو خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏيڻ وارو آهي. ادوم جي علائقي ۾ رهندڙ بني عيسو ۽ عار شهر ۾ رهندڙ موآبين بہ اسان کي ائين ئي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ ڏنو آهي.‘


اوهين انهن سان ڇيڙڇاڙ نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان اصل پير رکڻ جيتري بہ جاءِ ڪين ڏيندس، ڇو تہ ادوم جو جابلو علائقو مون عيسوءَ کي ميراث ڪري ڏنو آهي.


”بني اسرائيل نڪا موآب جي زمين قبضي ڪئي هئي نہ وري بني عمون جي.


تڏهن هنن ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچيءَ هٿان چوائي موڪليو تہ ’مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ ڏي.‘ پر ادوم جي بادشاهہ هنن جي ڳالهہ نہ مڃي. تڏهن ساڳيءَ طرح هنن موآب جي بادشاهہ ڏانهن بہ چوائي موڪليو پر هن بہ انڪار ڪيو. سو بني اسرائيل قادش ۾ ئي ترسي پيا.


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگھي ادوم ۽ موآب ملڪن کان وڪڙ ڪري موآب ملڪ جي اوڀر طرف کان آيا ۽ برساتي نهر ارنون جي هُنَ ڀر اچي تنبو هنيائون. جيئن تہ ارنون جي برساتي نهر موآب ملڪ جي سرحد هئي، تنهنڪري هو اها پار ڪري موآب ملڪ ۾ نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ