Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سو اسين ادوم ۾ رهندڙ پنهنجن عزيزن، يعني بني عيسوءَ کان پاسو ڪري بيابان واري رستي، ايلات ۽ عصيون‌جابر منجھان لنگھياسين. پوءِ اسين ڦري موآب واري ملڪ جي رستي هلڻ لڳاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 سو اسين شعير ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن، يعني بني عيسوءَ کان پاسو ڪري، آرباہ جي رستي، ابلات ۽ عصيون جابر مان لنگهياسين. پوءِ اسين ڦري موآب جي ميدان جي رستي هلڻ لڳاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کيس چيو تہ ”تنهنجي پيٽ اندر ٻہ قومون سمايل آهن، ٻيئي تو مان جنم وٺنديون ۽ هڪٻئي جون مخالف ٿينديون. هڪڙي قوم ٻي قوم کان وڌيڪ زورآور ٿيندي، هائو، وڏي پٽ جي قوم ننڍي پٽ جي قوم جي خدمت ڪندي.“


بادشاهہ سليمان سامونڊي جهازن جو ٻيڙو پڻ عصيون‌جابر شهر ۾ ٺهرايو، جيڪو ادوم جي ملڪ ۾ خليج عقبہ جي ڪناري تي ايلات شهر جي ويجھو آهي.


عُزياہ پنهنجي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ايلات شهر تي ٻيهر قبضو ڪري يهوداہ ملڪ ۾ شامل ڪيو ۽ ان جي نئين سر تعمير ڪرايائين.


انهيءَ وقت ڌاري ارام جي بادشاهہ رضين ايلات شهر موٽائي هٿ ڪيو، جتان يهوداہ وارن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيائين. پوءِ ادومي ايلات شهر ۾ وڃي رهڻ لڳا جتي هو اڄ تائين رهندا ٿا اچن.


پوءِ بني اسرائيل هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا تہ جيئن ادوم ملڪ جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگھي وڃن. پر انهيءَ ڊگھي رستي جي ڪري هو بي‌صبر ٿي پيا.


وري هو اتان روانا ٿيا ۽ عصيون‌جابر ۾ اچي منزل ڪيائون.


هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون بيان ڪيل آهن جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي ان وقت چيون، جڏهن اهي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اردن ماٿريءَ ۾ سوف جي سامهون هئا ۽ انهن جي هڪ پاسي فاران شهر هو تہ ٻئي پاسي طوفل، لابن، حصيرات ۽ ديذهب شهر هئا.


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگھي ادوم ۽ موآب ملڪن کان وڪڙ ڪري موآب ملڪ جي اوڀر طرف کان آيا ۽ برساتي نهر ارنون جي هُنَ ڀر اچي تنبو هنيائون. جيئن تہ ارنون جي برساتي نهر موآب ملڪ جي سرحد هئي، تنهنڪري هو اها پار ڪري موآب ملڪ ۾ نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ