Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:7
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي برڪت ڏيندس ۽ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. آءٌ تنهنجو نالو روشن ڪندس ۽ تو کي ٻين لاءِ برڪت جو سبب بڻائيندس.


خداوند منهنجي مالڪ کي وڏي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي. خداوند کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، سون چاندي، ٻانها ٻانهيون، اٺ ۽ گڏهہ عطا ڪيا آهن.


اسحاق انهيءَ علائقي ۾ پوک ڪئي ۽ ساڳي ئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس برڪت ڏني.


تڏهن لابن چيس تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهي پئُہ، ڇو تہ مون فال ذريعي ڄاڻي ورتو آهي تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.“


سندس مالڪ ڏٺو تہ ”خداوند يوسف سان آهي، جو هو جيڪي ڪجھہ بہ ڪري ٿو تنهن ۾ خداوند کيس ڪاميابي عطا ڪري ٿو.“


جنهن وقت کان وٺي هن کيس پنهنجي گھر جي مٿان ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن سڀ مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي خداوند يوسف جي ڪري ان مصريءَ جي گھر ۾ برڪت وڌي. جيڪي ڪجھہ وٽس گھر ۾ توڙي ٻنيءَ ۾ هو تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.


چاليهن سالن تائين تو هنن کي بيابان ۾ پئي پاليو، ۽ وٽن ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ٿيڻ نہ ڏني. نہ تہ هنن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا ۽ نہ وري هنن جا پير سڄيا.


مگر هو منهنجي راهہ کان واقف آهي، هو جڏهن بہ مون کي پرکيندو تہ آءٌ نج سون جيان کرو نڪرندس.


سچارن جي راهہ جي خداوند پاڻ سنڀال ڪري ٿو، پر بڇڙا جنهن راهہ تي هلن ٿا سا برباديءَ ڏانهن ٿي وڃي.


اوهان مان ڪي ويران بيابان ۾ پئي رُليا، جتان کين رهڻ لاءِ ڪنهن شهر جو رستو بہ ڪونہ پئي مليو.


تنهنجي دائمي شفقت جي ڪري، آءٌ خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس، ڇوجو مصيبت جي وقت تي تو ئي منهنجي ڏکن تي ڌيان ڏنو آهي.


اي خداوند اسان جا خدا! شل تنهنجي ٻاجھہ جي ڇانوَ اسان تي هجي! تون اسان جي هٿن جي ڪم کي اسان لاءِ ڪاميابي بڻاءِ. هائو، شل اسان جون ڪوششون اسان لاءِ ڪاميابيءَ جو سبب بڻجن!


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين مَنَ کائيندا رهيا، جيستائين هو آباد ملڪ ۾ آيا، يعني جيستائين هو ڪنعان ملڪ جي حد تائين نہ آيا تيستائين مَنَ پئي کاڌائون.


”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون کي اوهان جي اُها بي‌انتها محبت ياد آهي، جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا، هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم، جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا. اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين غير آباد رڻ‌پٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا.


مون ئي رڻ‌پٽ ۾ اوهان جي سار لڌي. هائو، بيحد ويران علائقي ۾ مون ئي اوهان کي سنڀاليو.


بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ سينا جي بيابان ۾ خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي ۾ موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ


اوهان جا ٻار چاليهن سالن تائين هن بيابان ۾ پنهنجي رڍن ٻڪرين سان پيا رلندا. هو اوهان جي بي‌اعتقاديءَ جو ڪيتو پيا لوڙيندا، جيستائين اوهين سڀ مري کپي وڃو.


انهن ڏينهن جي شمار مطابق جن ۾ اوهان انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيو هو، يعني چاليهن ڏينهن مان هر هڪ ڏينهن جي لاءِ هڪ سال يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندا. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ منهنجو اوهان جي خلاف ٿيڻ ڇا آهي.‘


پر خدا بلعام کي فرمايو تہ ”تون هنن سان نہ وڃ ۽ نہ وري انهن ماڻهن تي لعنت ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها قوم برڪت واري آهي.“


سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا.


عيسيٰ هنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏهن مون اوهان کي ڳوٿريءَ، ٿيلهي يا وڌيڪ جتيءَ کان سواءِ موڪليو هو، تہ ڇا اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ٿي هئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ.“


آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون.


”پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب سينا جبل کان روانا ٿياسين ۽ انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگھياسين، جيڪو اوهان امورين جي جابلو علائقي ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو. پوءِ اسين قادش‌برنيع ۾ اچي پهتاسين.


سو اوهين ڪيترن ئي ڏينهن تائين قادش ۾ رهيا، ايتري قدر جو ڪافي عرصو گذري ويو.“


قادش‌برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، برساتي نهر زارد جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ سال لڳا. انهيءَ عرصي ۾ خيمي‌گاهہ منجھان سڀ جنگي مرد مري کپي ويا، جيئن خداوند انهن جي باري ۾ قسم کڻي چيو هو.


اوهين کاڌو ۽ پاڻي بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو.


پر خداوند اوهان کي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجھي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


آءٌ چاليهہ سال بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪندو رهيس، نہ اوهان جي بدن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پيرن جون جتيون پراڻيون ٿيون.


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ پئي رليا ۽ انهيءَ عرصي دوران اهي سڀ جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪتا هئا سي مري کپي ويا، ڇو تہ هنن خداوند جي نافرماني ڪئي هئي. خداوند بہ ساڻن قسم کنيو تہ جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي سو کين ڏسڻ بہ ڪين ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ