Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 2:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهين انهن سان ڇيڙڇاڙ نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان اصل پير رکڻ جيتري بہ جاءِ ڪين ڏيندس، ڇو تہ ادوم جو جابلو علائقو مون عيسوءَ کي ميراث ڪري ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هنن سان متان وڙهو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان ڪجهہ بہ نہ ڏيندس، اصل پير رکڻ جيترو هنڌ بہ ڪين ڏيندس: ڇوتہ شعير جبل مون عيسوءَ کي ورثي طور ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 2:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري عيسو، جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو سو وڃي سعير جي جابلو علائقي ۾ رهڻ لڳو.


انهيءَ جابلو علائقي جي رهاڪو ادومين جي پيءُ عيسوءَ جو اولاد هي آهي.


’مون خداوند هيءَ پوري دنيا پنهنجيءَ قدرت سان خلقي آهي. مون پنهنجي زورآور هٿ سان ان جا ماڻهو، جانور ۽ جيڪي ڪجھہ روءِزمين تي آهي سو سڀ جوڙيو آهي. سو اها زمين آءٌ جنهن کي چاهيندو آهيان تنهن کي ڏيندو آهيان.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو رخ ادوم جي جابلو ملڪ ڏانهن ڪر ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي خلاف اڳڪٿي ڪندي


ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.


ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“


هن هڪڙي ئي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آهن، تہ جيئن اهي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. هن انهن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن،


خدا ابراهيم کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو.


خداوند اهو ساڳيءَ طرح ئي ڪيو جيئن هن ادوم جي علائقي ۾ رهندڙ بني عيسوءَ جي اڳيان حورين کي برباد ڪيو ۽ انهن جي جاءِ تي بني عيسو پاڻ اڄ ڏينهن تائين رهندا پيا اچن.


اوهين کاڌو ۽ پاڻي بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو.


جڏهن خدا تعاليٰ بني آدم کي جدا جدا قومن ۾ ٿي ورهايو، تڏهن انهن کي الڳ الڳ ملڪ ورثو ڪري ٿي ڏنائين. هائو، هر معبود جي قوم کي پنهنجو پنهنجو حصو مقرر ٿي مليو.


۽ اسحاق کي يعقوب ۽ عيسو ڏنو. مون عيسوءَ کي ادوم جو جابلو علائقو ملڪيت ڪري ڏنو، پر يعقوب پنهنجي ٻارن سميت مصر ڏانهن ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ