برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا.
تون عئي شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪجانءِ جيئن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ، پر هن دفعي اوهين انهي جي لٽ جو مال ۽ چوپايو مال ڀلي پنهنجي لاءِ رکجو. شهر تي قبضي جي لاءِ اوهين انهيءَ جي پٺيان لڪي تيار ٿي ويهجو.“