3 ’اوهين هن جابلو علائقي ۾ گھڻو ئي رليا آهيو. هاڻي اتر طرف وڃو.‘
3 اوهين هن جبل جي آس پاس گهڻو ئي رليا آهيو: هاڻي اُتر ڏانهن ڦرو.
جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان بيٺو هوندو هو، پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا هڪ مهينو هجي يا انهيءَ کان وڌيڪ عرصو هجي، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا ۽ روانا ڪين ٿيندا هئا. پر جڏهن اهو کڄندو هو تڏهن اهي منزل کڻي روانا ٿيندا هئا.
”جڏهن اسين سينا جبل وٽ هئاسين، تڏهن خداوند اسان جي خدا اسان کي چيو هو تہ ’اوهين هن جبل تي گھڻو رهيا آهيو.
قادشبرنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، برساتي نهر زارد جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ سال لڳا. انهيءَ عرصي ۾ خيميگاهہ منجھان سڀ جنگي مرد مري کپي ويا، جيئن خداوند انهن جي باري ۾ قسم کڻي چيو هو.
تڏهن خداوند مون کي چيو تہ
هن مون کي اوهان لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ’اوهان کي پنهنجن عزيزن بني عيسوءَ جي سرحد وٽان لنگھڻو آهي، جيڪي ادوم جي علائقي ۾ رهن ٿا. اهي اوهان کان ڊڄندا، تنهنڪري اوهين تمام احتياط ڪجو.
مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘