Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 19:5 - Muslim Sindhi Bible

5 مثال طور ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي. اتي وڻ وڍڻ لاءِ هو ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي ۽ اهو مري پوي، تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي پنهنجي جان بچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي، ۽ وڻ وڍڻ لاءِ ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي، ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي، ۽ اهو مري پوي: تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي تہ جيئرو رهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 19:5
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو انهن سان گڏجي ويو. اردن درياءَ تي پهچي هنن وڻ وڍڻ شروع ڪيا.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌا اوڏانهن وڌيو وڃن، ۽ پوءِ مصيبت ۾ وڃيو ڦاسن.


انهن مان هر ڪو جھولي کان لڪڻ جي جاءِ وانگر، ۽ طوفانن کان پناهہ جيان هوندو. اهي بيابان مان وهندڙ نهرن وانگر، ۽ ويران زمين مٿان وڏي ٽڪر جي ڇانوَ مثل هوندا.


انهيءَ خونيءَ کي مقتول جي وير وٺڻ واري عزيز جي چنبي کان ڇڏايو وڃي ۽ کيس انهيءَ پناهہ جي شهر ۾ موٽائي موڪليو وڃي جتي هو خون ڪري پناهہ لاءِ ڀڄي ويو هو. پوءِ جيستائين انهن ڏينهن ۾ مخصوص ٿيل سردار ڪاهن فوت نہ ٿي وڃي تيستائين هو اتي ئي رهي.


جيڪو خوني پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي اوڏانهن وڃي، تنهن بابت هي حڪم آهي. ٿي سگھي ٿو تہ ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي بناارادي ماري وجھي، جڏهن تہ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس.


ائين نہ ٿئي تہ رڳو هڪڙو ئي شهر هجي. پوءِ خون جو بدلو وٺڻ وارو پنهنجي دل جي جوش کان خونيءَ جي پٺيان پوي ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري وڃي رستي ۾ پڪڙي کيس ڌڪ هڻي ماري وجھي، جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇوجو اڳي سندن پاڻ ۾ ڪابہ دشمني ڪانہ هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ