20 پوءِ جڏهن ٻيا ماڻهو اهو ٻڌندا تہ ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي بڇڙائي نہ ڪندا.
20 ۽ ٻيا ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي خرابي نہ ڪندا.
ٺٺولي ڪندڙ کي سزا ملڻ سان اٻوجھہ ماڻهو سمجھہ حاصل ڪري ٿو، جڏهن تہ سمجھہ وارو نصيحت ڪرڻ سان ڄاڻ حاصل ڪري ٿو.
پوءِ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.“
”ٿي سگھي ٿو تہ جيڪي شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تن مان ڪنهن شهر ۾
پوءِ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.“
انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پهريائين اهي شاهد مٿس پٿر اڇلائين، پوءِ باقي ٻيا ماڻهو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.“
تڏهن سندس شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.“
پوءِ جيڪڏهن ڪو واقعي ڏوهي ثابت ٿئي تہ ان کي سڀني ماڻهن جي اڳيان ملامت ڪر، تہ جيئن ٻين کي بہ ڊپ ٿئي.