Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 19:14 - Muslim Sindhi Bible

14 ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن اوهان جي ميراث جي حصي لاءِ لڳايا هوندا، تن کي نہ هٽائجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي پراڻي وقت کان تنهنجي ورثي جي حصي لاءِ لڳايل آهن، تن کي نہ هٽائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 19:14
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي زمين جي حد واري نشان کي سرڪايو ڇڏين. هو زبردستيءَ پراوا ڌڻ ڪاهي پنهنجي ڌڻن ۾ شامل ڪيو ڇڏين.


پر جيڪڏهن هن جو مارڻ جو ارادو نہ هو، مگر انهيءَ واقعي ۾ مون خدا جي مرضي ائين هئي، تہ پوءِ آءٌ هڪڙي جڳهہ مقرر ڪندس، جتي هو وڃي پناهہ وٺي.


جيڪي مغرور آهن، تن جا پڪا گھر بہ خداوند برباد ڪريو ڇڏي. مگر جيڪي رنون‌زالون آهن، تن جي ملڪيت جي هو حفاظت ٿو ڪري.


اوهان جي موروثي زمينن جي حدن جي نشانن کي هيڏي هوڏي نہ سوريو، جيڪي نشان اوهان جي ابن ڏاڏن جا مقرر ڪيل آهن.


موروثي زمينن جي حدن جي نشانن کي هيڏي هوڏي نہ سوريو، نڪي يتيمن جي ٻنيءَ سان هٿ چراند ڪريو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جي اڳواڻن اسرائيل جي علائقي تي ائين قبضو ڪيو آهي، جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جي نشان کان اڳتي وڌي وڃي. سو آءٌ انهن جي مٿان پنهنجو قهر ٻوڏ وانگر چاڙهي آڻيندس.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جي نشان کي پوئتي هٽائي ٿو.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


انهيءَ وقت ئي مون اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو تہ ’خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ميراث ڪري ڏنو آهي. سو اوهين سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي اڳيان درياءَ پار هلو.


پوءِ موسيٰ اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ٽي شهر ڌار ڪيا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ