17 تڏهن خداوند مون موسيٰ کي فرمايو هو تہ ’هنن جو چوڻ صحيح آهي.
17 تڏهن خداوند مون کي چيو، تہ هنن جو چوڻ برابر آهي.
خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.
جيڪي ڳالهيون خداوند خدا مون کي سيکاري ٿو، تن کان آءٌ نہ باغي ٿو ٿيان، نڪي ڀڄي پري ٿيان ٿو.
پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.
آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.
پر اسين ڇو پنهنجي جان جوکي ۾ وجھون؟ اها وڏي باهہ اسان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن اسان وري خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌو تہ اسين پڪ مري وينداسين.
جڏهن خداوند اوهان جو اهو ڳالهائڻ ٻڌو، تڏهن مون کي چيائين تہ ’هنن ماڻهن جيڪي تو سان ڳالهايو سو مون ٻڌو آهي. هنن جو چوڻ درست آهي.