Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 18:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ موسيٰ چيو تہ ”جن قومن کي اوهين بيدخل ڪندا، سي قسمت جو حال ٻڌائيندڙن ۽ غيب جون ڳالهيون ڪرڻ وارن جي پيروي ڪن ٿيون. پر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ائين ڪرڻ جي اجازت نہ ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو اهي قومون، جن تي تون قبضو ڪندين، سي انهن ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌن ٿيون، جي سڳڻ ٿا ڪڍن، ۽ غيب گوئي ٿا ڪن: پر خداوند تنهنجو خدا توکي ائين ڪرڻ جي موڪل نٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 18:14
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا خواب ۾ ئي وراڻيس تہ ”بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ مون بہ تو کي پنهنجي خلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو.


هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو. هو جادو ڪندو هو ۽ فالون وجھندو هو. هن ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واسطا پڻ رکيا. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.


اي خدا! تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي اولاد کي ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھن اوڀر وارين قومن، ۽ فلستين وانگر جادوگر ۽ نجومي پيدا ٿي ويا آهن، ۽ هنن ڌارين سان ويجھا لاڳاپا قائم ڪيا آهن.


تنهنڪري اوهين پنهنجن انهن نبي سڏائيندڙن، غيبدانن، خواب جو تعبير ڪندڙن، فال وجھندڙن يا جادوگرن جي ڳالهہ نہ ٻڌجو، جيڪي اوهان کي اڳڪٿي ڪري ٻڌائين ٿا تہ ”اوهين بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪندا.“


دانيال بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ ”جيڪو راز بادشاهہ سلامت پڇيو آهي، سو عالم توڙي نجومي، جادوگر توڙي فال وجھندڙ توهان کي بلڪل ٻڌائي نہ سگھندا.


آءٌ اوهان مان جادوگريءَ وارا ڪم ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ نہ وري اڳتي اوهان ۾ ڪو فال وجھندڙ ئي رهندو.


گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.


اوهان منجھہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هجي جيڪو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي قربانيءَ طور ساڙي، يا جيڪو غيب جون ڳالهيون ڪري، قسمت جو حال ٻڌائي، فال وجھي، جادوگري ڪري،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ