انهيءَ کان علاوہ يوسياہ بادشاهہ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ مورتين، بتن ۽ ٻين ڪراهت جهڙين شين، جيڪي يروشلم شهر توڙي سڄي يهوداہ جي ملڪ ۾ گھرن منجھہ توڙي ٻاهر ڏسڻ ۾ اينديون هيون، تن سڀني جي پاڙ پٽي ڇڏي. هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن شريعت جون ڳالهيون قائم ڪري جيڪي انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هيون جيڪو سردار ڪاهن خلقياہ خداوند جي گھر مان لڌو هو.