Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 18:11 - Muslim Sindhi Bible

11 يا جيڪو منتر پڙهي، مئلن جي روحن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري ۽ ساڻن صلاح مشورو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 يا جو ڪامڻ ڪري، يا جو ڀوتن کان پڇاڳاڇا ڪري، يا جنائي، يا ڀوپو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 18:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين ڪنهن بہ جادوگرياڻيءَ کي جيئرو نہ ڇڏجو.


جڏهن ماڻهو اوهان کي مِڻ مِڻ ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن بابت چون تہ ”اچو تہ انهن کان پڇون. اسان لاءِ اهو مناسب آهي تہ اسين روحن جا طلبگار ٿيون. ڇا جيئرن بابت مئلن کان پڇا ڪرڻ بهتر نہ آهي؟“


اوهين ڪنهن بہ طرح رت نہ کائجو پيئجو. اوهين نڪي فال ڪڍجو ۽ نہ ڪا جادوگري ڪجو.


اوهين مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ڏانهن مائل نہ ٿجو، نڪي ڀوپن جي ڳولا ۾ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن کان ناپاڪ ٿيندا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جيڪو بہ مرد يا عورت مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙ يا ڀوپو هجي، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن کي سنگسار ڪيو وڃي. سندن خون سندن ئي سر تي آهي.“


جيڪو ماڻهو مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ ڀوپن ڏانهن مائل ٿيندو ۽ انهن جي پيروي ڪري مون سان بي‌وفائي ڪندو، تہ آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.


هڪڙي ڏينهن جيئن اسين عبادت واري انهيءَ جاءِ ڏانهن پئي وياسين تہ اسان کي هڪڙي غلام ڇوڪري ملي جنهن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ماڻهن کي سندن قسمت جو حال ٻڌائي پنهنجي مالڪن کي ڪيترائي پئسا ڪمائي ڏيندي هئي.


سو سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا پاتا ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهيءَ عورت وٽ اچي پهتو. کيس چيائين تہ ”تون روحن جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي ۽ جنهن جو آءٌ نالو وٺان تنهن جي روح کي مون وٽ هتي گھرائي وٺ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ