شريعت جو دور 18:10 - Muslim Sindhi Bible10 اوهان منجھہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هجي جيڪو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي قربانيءَ طور ساڙي، يا جيڪو غيب جون ڳالهيون ڪري، قسمت جو حال ٻڌائي، فال وجھي، جادوگري ڪري، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 اوهان ۾ ڪوبہ ماڻهو اهڙو نہ هجي، جو پنهنجي پٽ يا پنهنجيءَ ڌيءَ کي باهہ مان لنگهائي، يا جو غيب گوئي ڪري، يا جو سوڻ ساٺ ڪري، يا جو فال وجهي، يا جو جادوگري ڪري، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آسپاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.
انهيءَ کان علاوہ يوسياہ بادشاهہ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ مورتين، بتن ۽ ٻين ڪراهت جهڙين شين، جيڪي يروشلم شهر توڙي سڄي يهوداہ جي ملڪ ۾ گھرن منجھہ توڙي ٻاهر ڏسڻ ۾ اينديون هيون، تن سڀني جي پاڙ پٽي ڇڏي. هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن شريعت جون ڳالهيون قائم ڪري جيڪي انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هيون جيڪو سردار ڪاهن خلقياہ خداوند جي گھر مان لڌو هو.