Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ”جيڪڏهن اوهان جون پاڻ ۾ خون، دعويٰ يا مار ڪُٽ جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو اوهان جي شهر اندر ٿيڻ اوهان جي لاءِ تمام ڏکيو هجي، تہ پوءِ اوهين اهو فيصلو انهيءَ عبادت واري جاءِ تي کڻي وڃجو، جا خداوند اوهان جو خدا چونڊيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 جيڪڏهن تنهنجن ڳوٺن مان ڪٿي بہ پاڻ ۾ خون، يا دعويٰ، يا ماراماري جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو ڪرڻ تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو هجي: تہ پوءِ تون اُٿي انهيءَ جاءِ تي وڃج، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:8
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ابي‌سلوم صبح جو سوير اٿندو هو ۽ شهر جي دروازي وٽ هڪ پاسي ٿي بيهي رهندو هو. پوءِ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو ڪو مقدمو بادشاهہ وٽ فيصلي لاءِ کڻي وڃڻ چاهيندو هو، تڏهن ابي‌سلوم انهيءَ کي سڏي کانئس پڇندو هو تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ تہ جيئن اها خبر پئجي سگھي تہ اهو بني اسرائيل جي ڪهڙي قبيلي منجھان آهي.


بني اظهار مان ڪنانياہ ۽ انهيءَ جا پٽ هيڪل کان ٻاهرئين ڪم لاءِ مقرر هئا، يعني اهي بني اسرائيل مٿان عملدار ۽ جج هئا.


موسيٰ پنهنجي سهري کي وراڻيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ماڻهو خدا جي مرضيءَ بابت پڇا‌ڳاڇا ڪرڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن.


اهي ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهندا هئا. منجھيل فيصلو موسيٰ وٽ آڻيندا هئا ۽ سولو فيصلو هو پاڻ ڪندا هئا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ کي لٺ سان اهڙو ماري جو هو سندس هٿان مري پوي، تہ انهيءَ کي ضرور سزا ملڻ گھرجي.


جيڪڏهن ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ۽ ڪنهن پيٽ واريءَ عورت کي اهڙو ڌڪ هڻن جو کيس وقت کان اڳ ٻار پيدا ٿئي، مگر ٻيو ڪو نقصان نہ ٿئي، تہ ڌڪ هڻندڙ کي ايترو ڏنڊ ڀري ڏيڻو پوندو جيترو انهيءَ عورت جو مڙس مٿس رکي ۽ جج منظوري ڏين.


”جيڪڏهن ڪو ڏاند ڪنهن مرد يا عورت کي سڱ هڻي ماري وجھي، تہ انهيءَ ڏاند کي ضرور سنگسار ڪيو وڃي ۽ ان جو گوشت نہ کاڌو وڃي. پر ڏاند جو مالڪ بي‌گناهہ آهي.


پر جيڪڏهن چورايل چوپايو مال هن وٽان جيئرو نڪري، پوءِ اهو ڏاند هجي، گڏهہ هجي يا رڍ هجي، تہ چور اهو ٻيڻو ڀري ڏئي. مطلب تہ چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي. پر جيڪڏهن وٽس ڪجھہ بہ ڪونہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي رات جو کاٽ هڻندي پڪڙي ۽ ڌڪ لڳڻ سان هو مري پوي، تہ انهيءَ جي خون جو ڏوهہ مٿس نہ رکيو وڃي. پر جيڪڏهن سج اڀرڻ کان پوءِ کيس چوري ڪندي پڪڙي ۽ ماري وجھيس تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي.


پر جيڪڏهن چور هٿ نہ اچي تہ اهو ماڻهو جنهن وٽ سامان رکيل هو، سو مون خدا کي شاهد بڻائي قسم کڻي تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ ڪونہ لاتو آهي.


جڏهن ڪو جھڳڙو کڙو ٿئي تڏهن ڪاهن منصف ٿين ۽ منهنجي شريعت مطابق انصاف ڪن. هو منهنجي سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي شريعت ۽ قاعدن قانون تي عمل ڪرائين ۽ منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ٿيڻ نہ ڏين.


”تون شريعت جي هن سوال بابت ڪاهنن کان راءِ وٺ.


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي پناهہ جا شهر چونڊجو، تہ جيئن جنهن جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اُهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي.


هاڻي جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي لوهہ جي شيءِ سان اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ ڌڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي.


اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کان نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي عدالت ۾ خدا جو قانون رائج آهي. جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي، سو مون وٽ آڻجو تہ آءٌ اهو ٻڌندس.‘


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جي قبيلن منجھان چونڊي ڪڍي، اتي ئي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪجو. جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان سي سڀ اتي ئي ڪجو.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.


تہ اهي ٻئي ماڻهو جن جي وچ ۾ جھڳڙو هجي، سي خداوند جي حضور ۾ ڪاهنن ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪي جج مقرر هجن، تن جي اڳيان اچي حاضر ٿين.


جيڪو خوني پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي اوڏانهن وڃي، تنهن بابت هي حڪم آهي. ٿي سگھي ٿو تہ ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي بناارادي ماري وجھي، جڏهن تہ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس.


پوءِ ڪاهن ويجھو اچن، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا انهن کي لاوي قبيلي مان ان لاءِ چونڊيو آهي تہ اهي سندس خدمت ڪن ۽ خداوند جي نالي سان ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن ۽ هر ڪنهن جھيڙي ۽ خونريزيءَ جو فيصلو ڪن.


جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو جھيڙو جھڳڙو ٿئي تہ اهي عدالت ۾ اچن ۽ جج انهن جو انصاف ڪن. ججن کي گھرجي تہ هو سچار کي بي‌گناهہ قرار ڏين ۽ گنهگار کي سزا ڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ