Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:20 - Muslim Sindhi Bible

20 انهيءَ جو مقصد اهو بہ آهي تہ هو پاڻ کي پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل کان وڌيڪ نہ سمجھي، نڪي هن حڪم کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڦري، تان‌تہ بني اسرائيل منجھہ هن جي ۽ سندس اولاد جي بادشاهيءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هو پاڻ کي پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ نہ سمجهي، ۽ هن حڪم کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦري، تہ اسرائيل منجهہ سندس بادشاهت ۾، سندس، ۽ سندس اولاد جي عمر وڏي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:20
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري جو مون هن جا سڀ قاعدا قانون پنهنجي اڳيان رکيا، ۽ انهن کان ڪڏهن بہ پاسيرو نہ ٿيس.


انهيءَ هوندي بہ سليمان سڄي حياتي بادشاهہ رهندو. اهو انهيءَ ڪري جو سندس پيءُ منهنجو ٻانهو دائود جنهن کي مون چونڊيو هو، سو منهنجي قاعدن قانونن تي قائم رهيو. پر آءٌ هن جي پٽ کان بادشاهي کسيندس ۽ انهيءَ مان ڏهہ قبيلا تو کي ڏيندس. آءٌ سليمان جي خاندان کان سڄي بادشاهت نہ کسيندس


پر هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس، تہ جيئن يروشلم جو شهر جيڪو مون پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيو آهي تنهن ۾ منهنجي ٻانهي دائود جو ڏيئو منهنجي اڳيان هميشہ روشن رهي.


هو اهي سمورا گناهہ ڪندو هو جيڪي هن کان اڳي سندس پيءُ ڪيا هئا. جيئن سندس ابي ڏاڏي دائود جي دل خداوند پنهنجي خدا سان لڳل هئي، تيئن هن جي دل خدا سان پوري طرح لڳل نہ رهي.


ڇاڪاڻ تہ دائود اهي ڪم ڪيا هئا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ کان سواءِ هو پنهنجي سڄي عمر ۾ خداوند جي ڏنل ڪنهن بہ حڪم کان نہ ڦريو هو.


خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جو خيال ڪجانءِ. انهيءَ جي واٽ تي هلجانءِ. سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪجانءِ، جيڪي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن جيڪي بہ تون ڪرين ۽ جيڏانهن بہ تون وڃين، ڪاميابي حاصل ڪرين.


خداوند ييهوءَ کي چيو تہ ”جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو تنهن جي تو سٺي تعميل ڪئي آهي ۽ اخي‌اب جي گھراڻي سان اهو ڪجھہ ڪيو اٿيئي جيڪي مون چاهيو پئي. تنهنڪري هاڻ، تو سان منهنجو واعدو آهي تہ تنهنجي اولاد مان چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ڪونہ ڪو ويهندو ايندو.“


سو اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي. پنهنجي انهيءَ هاڪ تي خوش ٿي گھر ۾ ئي ويهي رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“


اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي جو تون غرور سان ٿو ڳالهائين. هاڻي منهنجي صلاح مڃي پنهنجي گھر ۾ ئي ويٺو رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“


پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيو.


هن مصيبت ۾ پوڻ کان پوءِ منسيءَ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي آڏو عاجزي ڪئي ۽ کانئس مدد گھريائين.


هن جي دعا ۽ سندس دعا جو قبول ٿيڻ، سندس توبهہ‌تائب ٿيڻ کان اڳ ڪيل سڀ گناهہ ۽ نافرمانيون، ۽ هن جا مختلف هنڌن تي ٺهرايل غير معبودن جا پوڄا گھر، سندس يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا کوڙائڻ ۽ ٻين بتن کي ٺهرائڻ، سي سڀ ”غيبدانن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


هن پنهنجي پيءُ منسيءَ وانگر خداوند اڳيان عاجزي نہ ڪئي، بلڪ گناهن مٿان گناهہ ڪندو رهيو.


جيئن تہ تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌندي ئي عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو رڙيو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


مون تنهنجي قاعدن قانونن کان ڪڏهن منهن نہ موڙيو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو سکيا ڏيندڙ تون خداوند آهين.


پوءِ جيڪڏهن تنهنجو اولاد منهنجي عهد کي قائم رکندو، ۽ جيڪا شريعت آءٌ کين سيکاريندس تنهن تي عمل ڪندا رهندا، تہ پيڙهي بہ پيڙهي اهي تنهنجي تخت تي ويهندا رهندا.“


آءٌ جيڪو خداوند جو ٻانهو آهيان، تنهن کي انهن مان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. بيشڪ انهن تي عمل ڪرڻ سان بيحد اجر ملي ٿو.


خداوند جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو، مگر بدڪار جي حياتيءَ جا ڏينهن گھٽجي ٿا وڃن.


انهيءَ سبب جو دولت هميشہ ساٿ نہ ٿي ڏئي، نڪي تخت وَ تاج ئي پيڙهين تائين قائم ٿو رهي.


پر هجڻ تہ ائين گھرجي جو گنهگارن جو ڀلو ڪڏهن بہ نہ ٿئي، نڪي سندن عمر وڌي، بلڪ اهي پاڇي وانگر وهامندا رهن، ڇاڪاڻ تہ اهي خدا جو خوف نہ ٿا رکن.


بيشڪ قادرِمطلق پنهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي، سڀني مغرورن، اوچي ڳاٽ وارن ۽ وڏائي خورن تي اچي ڪڙڪندو ۽ کين هيٺ ڪيرائي وجھندو.


لک تہ ’بڇڙا پنهنجي بڇڙائيءَ سبب فنا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهن جون خواهشون سچائيءَ تي ناهن. پر سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا.‘“


انهيءَ رويا جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي بدن ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


اوهين اهو نہ کائجو پيئجو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي سو ڪرڻ ڪري اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي.


هي سڀ ڳالهيون جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ چڱو ۽ درست آهي، سو ڪرڻ ڪري اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي.“


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“


شريعت جي جيڪا ڳالهہ اهي اوهان کي سيکارين ۽ جيڪو فيصلو اوهان کي ٻڌائين، تنهن موجب عمل ڪجو. اُهي جيڪا بہ فتويٰ ڏين تنهن کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦرجو.


جنهن بہ ڳالهہ جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تنهن ۾ نہ تہ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي انهن حڪمن تي عمل ڪندا رهجو جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو.


تنهنڪري خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيڪو حڪم ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو ۽ گمراهہ نہ ٿجو.


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


پوءِ سموئيل ماڻهن کي بادشاهت جا قاعدا قانون بيان ڪري ٻڌايا ۽ اهي هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيائين. اهو ڪتاب هن خداوند جي مقدس خيمي ۾ رکي ڇڏيو. پوءِ سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا.


بغاوت ۽ جادوگريءَ جو گناهہ هڪجهڙو ئي آهي، سرڪشي بتن جي پوڄا ڪرڻ برابر آهي. سو جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي، تنهنڪري هن بہ تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ