شريعت جو دور 17:19 - Muslim Sindhi Bible19 هو انهيءَ کي پاڻ وٽ ئي رکي ۽ پنهنجي سڄي حياتي انهيءَ کي پڙهندو رهي، انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪرڻ سکي ۽ هن شريعت جي سڀني قاعدن قانونن کي مڃي ۽ انهن تي عمل ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 هو انهيءَ کي پاڻ وٽ رکي، ۽ پنهنجي سڄي حياتي انهيءَ کي پڙهندو رهي: انهي لاءِ تہ هو خداوند پنهنجي خدا جو ڊپ سکي، ۽ هن شريعت، يعني هنن قانونن جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ سکي: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘