Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:17 - Muslim Sindhi Bible

17 بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻيون زالون نہ رکي، متان سندس دل خداوند کان ڦري وڃي، نڪي هو پاڻ وٽ گھڻو سون ۽ چاندي گڏ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 نڪي هو پاڻ وٽ گهڻيون زالون رکي، متان سندس دل ڦري وڃي: نڪي هو پاڻ وٽ گهڻو روپو ۽ سون گڏ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:17
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ئي سبب آهي جو مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اهي ٻئي گڏجي هڪ ٿي ويندا.


آءٌ تنهنجي ئي گھراڻي مان تنهنجي خلاف بڇڙائي اٿاريندس ۽ تنهنجي اکين آڏو تنهنجيون زالون تنهنجي ڪنهن ويجھي ماڻهوءَ جي حوالي ڪندس. اهو ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.


حبرون مان اچڻ کان پوءِ دائود يروشلم ۾ پنهنجي لاءِ ڪيتريون ئي سريتون رکيون ۽ زالون پرڻيو، جن مان کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.


بادشاهہ سليمان جي پيئڻ جا سڀ پيالا سون جا هئا ۽ لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان ٺهيل محل جا سڀ ٿانوَ بہ نج سون جا هئا. ڪابہ شيءِ چانديءَ جي ٺهيل نہ هئي، ڇاڪاڻ تہ سليمان جي ڏينهن ۾ چانديءَ جو ڪو قدر ڪونہ هو.


بادشاهہ يروشلم ۾ چانديءَ کي ائين عام ڪري ڇڏيو جيئن پٿر هوندا آهن ۽ ديال جو ڪاٺ ايترو تہ جھجھو ڪري ڇڏيائين جيترا اتان جي هيٺاهين علائقي ۾ انجير جا وڻ هوندا آهن.


يروشلم ۾ دائود وڌيڪ زالون پرڻيو ۽ کيس گھڻا ئي پٽ ۽ ڌيئرون پيدا ٿيون.


سندس بادشاهيءَ دوران يروشلم ۾ چاندي ۽ سون پٿرن وانگر عام ٿي ويا ۽ ديال جو ڪاٺ ايترو تہ جھجھو ڪري ڇڏيائين جيترا اتان جي هيٺاهين علائقي ۾ انجير جا وڻ هوندا آهن.


هن کي جملي ارڙهن زالون ۽ سٺ سريتون هيون، جن مان کيس اٺاويهہ پٽ ۽ سٺ ڌيئر ڄايون. رحبعام پنهنجين سڀني زالن ۽ سريتن کان وڌيڪ ابي‌سلوم جي ڌيءَ معڪہ سان محبت ڪندو هو.


جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين.


اوهين ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ نہ وري ڦرمار تي مغرور ٿيو. جيڪڏهن اوهان جي دولت وڌي بہ وڃي، تہ انهيءَ تي دارومدار نہ رکو.


تون عورتن جي پٺيان لڳي پنهنجي زندگي برباد نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ رستي تي هلي ڪيترائي بادشاهہ ناس ٿي ويا آهن.


ڇا خدا اوهان ٻنهي کي انهيءَ واعدي موجب گڏجي هڪ بدن ۽ هڪ روح ٿيڻ لاءِ نہ چيو آهي؟ خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن اوهان مان اهڙا ٻار پيدا ٿين جيڪي خدا جا هجن. سو اوهان کي انهيءَ واعدي جي سنڀال ڪرڻي آهي.


ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام تہ ٻڌن ٿا پر هن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب پيغام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.


۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.‘


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي بي‌وقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ