Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 17:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تہ پوءِ اوهين هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪجو، جنهن کي خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن منجھان ئي ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻائجو، ڪوبہ ڌاريو ماڻهو جيڪو اوهان جي قوم بني اسرائيل جو نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر نہ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تہ تون هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج، جنهن کي خداوند تنهنجو خدا چونڊي: تون پنهنجي ڀائرن منجهان ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج: ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو تنهنجو ڀاءُ نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان مقرر نہ ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 17:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”ڏس، اسين تنهنجو هڏ رت آهيون.


گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“


جڏهن دائود حبرون ۾ هو، تڏهن گھڻن ئي تجربيڪار سپاهين سندس لشڪر ۾ شموليت اختيار ڪئي، تہ جيئن سائول جي جاءِ تي خداوند جي واعدي موجب کيس بادشاهہ مقرر ڪن. سندن تعداد هن طرح هو:


هو ئي منهنجي نالي تي هيڪل ٺاهيندو. هو منهنجو پٽ ٿيندو ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس. آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ بني اسرائيل تي قائم ڪندس.‘“


جيئن تہ هن مون کي گھڻا ئي پٽ ڏنا آهن، سو منهنجي سڀني پٽن مان هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو بني اسرائيل مٿان خداوند جي سلطنت جي تخت تي ويهي.


خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ


هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


اهو منهنجو ٻانهو دائود ئي آهي، جنهن کي مون پنهنجي خاص تيل سان مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! ڌارين معبودن پٺيان لڳي پنهنجي پيرن ۾ لڦون نہ وجھہ، نڪي سندن پٺيان لڳي سهڪندي پنهنجي نڙي سڪاءِ. پر تون چوين ٿي تہ ’نہ، آءٌ هرگز نہ مڙنديس. مون کي ڌارين معبودن سان عشق آهي ۽ آءٌ انهن جي ئي پوڄا ڪنديس.‘“


انهن جو اڳواڻ انهن منجھان ئي هوندو. هائو، انهن جو حاڪم سندن منجھان ئي ٿيندو. آءٌ هن کي سڏيندس تڏهن هو منهنجي ويجھو ايندو، نہ تہ ڪنهن جي مجال آهي جو ڪو پاڻ منهنجي ويجھو اچي سگھي؟ سو آءٌ ئي سندن خدا هوندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“


تڏهن سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند چونڊيو آهي، تنهن جهڙو سڄيءَ قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ ”شل بادشاهہ سلامت رهي.“


قربانيءَ تي يسيءَ کي بہ دعوت ڏجانءِ. پوءِ آءٌ تو کي ٻڌائيندس تہ تو کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي. جنهن ماڻهوءَ جي نالي آءٌ تو کي چوان تنهن کي تون بادشاهہ ٿيڻ لاءِ منهنجي طرفان مسح ڪجانءِ.“


کيس چيائون تہ ”عرض آهي تہ جيئن تہ تون پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ تنهنجا پٽ تنهنجيءَ راهہ تي پڻ ڪونہ ٿا هلن، تنهنڪري ٻين قومن وانگر تون هاڻي اسان تي ڪو بادشاهہ مقرر ڪر تہ هو اسان جي اڳواڻي ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ