Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 16:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ”جنهن وقت اوهين اناج جي بيٺل پوک ۾ لابارو وجھڻ شروع ڪريو، تنهن وقت کان وٺي اوهين ست هفتا ڳڻجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پوءِ تون پنهنجي لاءِ ست هفتا ڳڻج: جنهن وقت تون ان جي بيٺل پوک ۾ ڏاٽو وجهڻ شروع ڪرين، تنهن وقت کان وٺي تون ست هفتا ڳڻج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 16:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو اهي ساڙڻ واريون قربانيون موسيٰ جي شريعت موجب مخصوص ڏينهن تي مقرر طريقي مطابق پيش ڪندو هو، جهڙوڪ: سبت جي ڏينهن تي، نئين چنڊ تي، سال ۾ ٽي ڀيرا مقرر عيدن تي يعني بي‌خميري مانيءَ جي عيد تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي.


لاباري جي عيد، يعني جيڪي اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو تنهن جي پهرين پيداوار جي عيد ملهايو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪريو، تڏهن تنبن واري عيد ملهايو.


اوهين ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت لاباري جي عيد ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ تنبن واري عيد ملهائجو.


جڏهن عيد پنتيڪُست جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي ايمان وارا اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا.


في‌الحال پنتيڪُست جي عيد تائين آءٌ هتي اِفسس ۾ رهندس،


پوءِ اوهين انهيءَ برڪت موجب، جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني هجي، پنهنجي خوشيءَ سان نذرانو آڻي سندس حضور ۾ لاباري جي عيد ملهائجو.


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


تنهنڪري لازمي آهي تہ عيسيٰ بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.


سو رُوت بوعز جي نوڪرياڻين سان گڏ تيستائين سنگ چونڊڻ لاءِ ويندي رهي جيستائين جوَن ۽ ڪڻڪ جا لابارا نہ لٿا ۽ هوءَ پنهنجي سس سان گڏ گذاريندي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ