Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 16:6 - Muslim Sindhi Bible

6 بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اُتي ئي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت اوهين مصر مان نڪتا هئا، انهيءَ وقت عيد فصح جي قرباني ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت تون مصر مان نڪتو هئين، انهي وقت فسح جي قرباني ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 16:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس.


پر هو مقرر مهيني کان پوءِ واري مهيني جي چوڏهين تاريخ سج لٿي جو اها عيد ملهائين. انهيءَ وقت هو بي‌خميري مانيءَ ۽ ڪؤڙين ڀاڄين سان قربانيءَ جو گھيٽو کائين.


انهيءَ لاءِ هو هن مهيني جي چوڏهين تاريخ تي سج لهڻ وقت سڀني قاعدن قانونن موجب اها ملهائين.“


جڏهن شام ٿي تہ عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن سميت دسترخوان تي اچي ويٺو.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.


اوهين عيد فصح جي قرباني پنهنجي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ ٿا ڪري سگھو، جيڪي شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي.


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ کي مِٽائي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ