Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 16:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اوهين هميشہ حق جي ئي پيروي ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن جا وارث ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 جيڪي نسورو حق هجي، انهي جي تون پيروي ڪج، تہ تون جيئرو رهين، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جو وارث ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 16:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچائيءَ تي قائم رهڻ وارو زندگي حاصل ٿو ڪري، مگر بڇڙائيءَ جي راهہ تي هلڻ وارو خود پنهنجي موت کي ٿو ويجھو وڃي.


فرض ڪريو تہ اوهان مان ڪو ماڻهو سچار هجي ۽ هميشہ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو هجي.


اهو منهنجي قاعدن قانونن تي هليو هجي ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندي سچائيءَ واري هلت هلندو رهيو هجي. اهو ئي سچار ٻانهو آهي ۽ آءٌ خداوند خدا واعدو ٿو ڪريان تہ اهو مرندو ڪونہ پر جيئرو رهندو.


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيئرو رهندو.“


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهيو، تنهن جي ڀرسان يسيرہ ديويءَ نالي ٿنڀي طور ڪنهن بہ قسم جو وڻ نہ لڳائجو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو سي چڱيءَ طرح ٻڌي انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ٿي مٿس قبضو ڪريو.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ