Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 16:16 - Muslim Sindhi Bible

16 سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني فطيري مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي وڃي حاضر ٿين: ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 16:16
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سليمان سال ۾ ٽي دفعا ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون انهيءَ قربان‌گاهہ تي پيش ڪندو هو جيڪا هن خداوند لاءِ ٺهرائي هئي. انهن کان علاوہ هو خداوند لاءِ لوبان بہ ساڙيندو هو. اهڙيءَ طرح هن هيڪل جا فرض پورا ڪيا.


هو اهي ساڙڻ واريون قربانيون موسيٰ جي شريعت موجب مخصوص ڏينهن تي مقرر طريقي مطابق پيش ڪندو هو، جهڙوڪ: سبت جي ڏينهن تي، نئين چنڊ تي، سال ۾ ٽي ڀيرا مقرر عيدن تي يعني بي‌خميري مانيءَ جي عيد تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي.


ستين مهيني جي اچڻ تائين سڀ بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. پوءِ ان مهيني ۾ سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.


ان کان علاوہ هي بہ تہ هو يروشلم ۽ پنهنجي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهو اعلان ڪن تہ ”جابلو علائقي ڏانهن نڪري وڃو ۽ زيتون، چيل ۽ ٻين گھاٽن وڻن جون ٽاريون ۽ مينديءَ جي ٻوٽن جون ٽاريون ۽ کجيءَ جون ڇڙهيون تنبن ٺاهڻ لاءِ کڻي اچو، جيئن لکيل آهي.“


قبيلا، يعني خداوند جا قبيلا اوڏانهن ئي وڃن ٿا. هائو، بني اسرائيل جا سڀيئي قبيلا خدا جي حڪم موجب اتي وڃي خداوند جي نالي جو شڪر ادا ڪن ٿا.


هلندي هلندي سندن طاقت جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي ٿي. بيشڪ اهي صيئون ۾ پهچي تو معبودن جي معبود جو ديدار ڪندا.


اي خداوند قادرِمطلق خدا! منهنجي هيءَ دعا ٻڌ. اي خداوند، يعقوب جا خدا! تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي.


اوهين خداوند جي نالي جي لائق سندس عظمت واکاڻيو. اوهين هيڪل ۾ اچي سندس حضور ۾ نذرانا پيش ڪريو.


اوهين گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوض ۾ هڪڙو گھيٽو يا ڇيلو ڏجو. جيڪڏهن اوهان انهيءَ جو عيوض ڏيڻ نہ چاهيو تہ پوءِ انهيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏجو. پر اوهين پنهنجن سڀني پهريتن پٽن جو عيوض ضرور ڏجو. ڪوبہ مون وٽ خالي هٿين نہ اچي.


آءٌ قومن کي اوهان جي ملڪ مان لوڌي ڪڍندس ۽ اوهان جون حدون وڌائيندس. جڏهن اوهين سال ۾ اهي ٽي دفعا مون پنهنجي خداوند خدا جي آڏو حاضر ٿيڻ لاءِ عبادت‌گاهہ ۾ ايندا، تڏهن ڪوبہ ماڻهو اوهان جي زمين جي لالچ نہ ڪندو.


پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.


صيئون جبل ڏانهن نهاري ڏسو، جتي اسين مخصوص عيدون ملهائيندا آهيون. هائو، اوهين يروشلم ڏانهن نهاريو، جيڪو امن وَ سلامتيءَ جي جاءِ آهي. اهو اهڙي مضبوط تنبوءَ مثل آهي جنهن کي هٽائي نہ سگھبو، جنهن جا ڪِلا ڪڏهن بہ پٽي نہ سگھبا، ۽ جنهن جي رسن مان هڪڙو رسو بہ نہ ڇڄندو.


جيڪي شهر هاڻي ويران پيا آهن، سي ماڻهن سان ايترا تہ ڀرجي ويندا جيترو يروشلم شهر عيدن تي خداوند لاءِ مخصوص ڪيل رڍن سان ڀرجي ويندو هو. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”انهيءَ ستين مهيني جي پندرهين تاريخ تي مون خداوند جي لاءِ تنبن واري عيد شروع ٿيندي جا ست ڏينهن جاري رهندي.


اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


پر باغائين انهيءَ نوڪر کي پڪڙي مار ڏني ۽ کيس خالي هٿين موٽائي ڇڏيو.


پوءِ جڏهن يهودين جي تنبن واري عيد ويجھي آئي،


خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي وڃي خوشيون ڪندي ملهائجو. جيئن تہ خداوند اوهان جي خدا اوهان جي سموري پيداوار ۾ ۽ اوهان جي هٿ جي سموري پورهئي ۾ برڪت وڌي آهي، سو اوهين پوريءَ طرح خوشيون ڪجو.


بلڪ هر هڪ ماڻهو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل برڪت مطابق جيڪي ڏئي سگھي سو آڻي.“


جڏهن سڀ بني اسرائيل خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ تي اچي حاضر ٿين، تڏهن اوهين هيءَ شريعت انهن سڀني کي پڙهي ٻڌائجو.


القانہ هر سال قادرِمطلق خداوند جي مقدس خيمي آڏو عبادت ڪرڻ ۽ قرباني ڪرڻ واسطي پنهنجي شهر مان نڪري سيلا شهر ڏانهن ويندو هو. اتي عيليءَ جا ٻہ پٽ حفني ۽ فينحاس خداوند جا ڪاهن مقرر ٿيل هئا.


هنن چين تہ ”جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق موڪليو ٿا تہ اها خالي نہ موڪلجو، بلڪ ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني سميت موٽائي موڪلجو. تڏهن ئي اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا ۽ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ هن جو ڳرو هٿ اوهان تان ڇو نہ پئي کڄيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ