Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 16:15 - Muslim Sindhi Bible

15 خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي وڃي خوشيون ڪندي ملهائجو. جيئن تہ خداوند اوهان جي خدا اوهان جي سموري پيداوار ۾ ۽ اوهان جي هٿ جي سموري پورهئي ۾ برڪت وڌي آهي، سو اوهين پوريءَ طرح خوشيون ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي، اتي تون ست ڏينهن خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد ملهائج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي ساريءَ پيدائش ۾، ۽ تنهنجن سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو، ۽ تون پوريءَ طرح خوش رهندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 16:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ماڻهو جلاوطنيءَ مان واپس آيا هئا، سي سڀيئي تنبو ٺاهي انهن ۾ رهڻ لڳا. يشوع ولد نون جي ڏينهن کان وٺي هيستائين بني اسرائيل اها عيد ڪانہ ملهائي هئي. سو هنن تمام گھڻي خوشي ڪئي.


انهيءَ ڪري جو انهن ڏينهن تي يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو ۽ ان مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک بدلجي سک ٿيو ۽ سندن ماتم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. هن انهن ڏانهن لکيو تہ هو اهي ڏينهن دعوتون کائڻ، هڪٻئي ڏانهن عيدون موڪلڻ ۽ غريبن ۾ خيراتون ڏيڻ سان ملهائين.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.


پوءِ اوهين انهيءَ برڪت موجب، جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني هجي، پنهنجي خوشيءَ سان نذرانو آڻي سندس حضور ۾ لاباري جي عيد ملهائجو.


اها اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس واٽن تي هلو، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهو، پوءِ اوهين جيئرا رهندا، وڌندا ويندا ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو.


هو اوهان کي پيار ڪندو، برڪت ڏيندو ۽ اوهان کي وڌائيندو. جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجھہ اوهان جي اولاد ۾ ۽ زمين جي پيداوار يعني اناج ۾، مئي ۾، زيتون جي تيل ۾ ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن ۾ برڪت وجھندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ