Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 16:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ”جڏهن اوهين پنهنجي کري جو مال ۽ انگورن مان رس گڏ ڪري چڪو، تڏهن ست ڏينهن تنبن واري عيد ملهائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جڏهن تون پنهنجي کري ۽ پنهنجي چيچڙي جو مال گڏ ڪري ڇڏين، تڏهن ست ڏينهن تنبن جي عيد ملهائج:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 16:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اهي سڀيئي ماڻهو ستين مهيني ۾ تنبن واري عيد جي موقعي تي بادشاهہ وٽ اچي گڏ ٿيا.


هو اهي ساڙڻ واريون قربانيون موسيٰ جي شريعت موجب مخصوص ڏينهن تي مقرر طريقي مطابق پيش ڪندو هو، جهڙوڪ: سبت جي ڏينهن تي، نئين چنڊ تي، سال ۾ ٽي ڀيرا مقرر عيدن تي يعني بي‌خميري مانيءَ جي عيد تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي.


هنن شرعي دستور موجب تنبن واري عيد ملهائي ۽ هر روز جون باهہ سان ساڙيون ويندڙ مقرر ڪيل قربانيون حڪم موجب پيش ڪيون.


لاباري جي عيد، يعني جيڪي اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو تنهن جي پهرين پيداوار جي عيد ملهايو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪريو، تڏهن تنبن واري عيد ملهايو.


اوهين ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت لاباري جي عيد ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ تنبن واري عيد ملهائجو.


ڏسو، آءٌ پاڻ مصفاہ شهر ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي بابلي اسان وٽ اچن تن اڳيان آءٌ اوهان جي نمائندگي ڪريان. پر اوهين مئي، اونهاري جا ميوا ۽ زيتون جو تيل ڪٺو ڪريو ۽ انهن جو پاڻ وٽ ذخيرو ڪريو ۽ انهن ئي شهرن ۾ رهي پئو جيڪي اوهان هٿ ڪيا آهن.“


اوهين پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان پهرين ماني پچائي مون خداوند جي لاءِ نذراني طور پيش ڪجو. نذرانو ائين پيش ڪجو جيئن ڳاهہ جي پِڙ مان اناج وارو نذرانو پيش ڪندا آهيو.


پوءِ جڏهن يهودين جي تنبن واري عيد ويجھي آئي،


پوءِ موسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾، يعني قرضن جي معافيءَ واري سال ۾، تنبن واري عيد جي موقعي تي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ