Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 16:1 - Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عيد فصح ملهائڻ لاءِ ابيب جي مهيني کي ياد رکجو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ابيب جي مهيني ۾ ئي خداوند اوهان جو خدا اوهان کي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تون ابيب جو مهينو ياد رکج، ۽ انهي ۾ خداوند پنهنجي خدا جو فسح ڪج: ڇالاءِ جو انهي ابيب جي مهيني ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 16:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سموري قوم کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


اوهين ابيب مهيني جي اڄوڪي ڏينهن مصر مان ٻاهر نڪتا آهيو.


”اوهين سال ۾ ٽي دفعا منهنجي لاءِ عيد ملهايو.


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ڪندا رهجو. جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن ابيب مهيني ۾ مقرر ڪيل وقت تي ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو مون خداوند جي عيد فصح آهي.


”پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ تي مون خداوند جي عيد فصح ملهائي وڃي.


عيسيٰ جا ماءُ پيءُ هر سال عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا.


يهودين جي عيد فصح ويجھي هئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانهن ويو.


ڪجھہ وقت کان پوءِ يهودين جي هڪڙي عيد تي عيسيٰ يروشلم ڏانهن ويو.


تنهنڪري جيڪا جاءِ خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اُتي اوهين پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد فصح جي قرباني ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ