Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 15:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن اوهان جي پنهنجي قوم وارن منجھان ڪو غريب اوهان جي شهر ۾ اوهان وٽ رهندو هجي، تہ اوهين انهيءَ غريب ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪجو، نڪي کانئس پنهنجي مٺ بند ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجن ڀائرن منجهان جيڪڏهن ڪو غريب تنهنجي ڳوٺ ۾ تو وٽ رهندو هجي، تہ تون پنهنجي غريب ڀاءُ جي لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪج، نڪي پنهنجي مٺ بند ڪج؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 15:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڪيترائي مرد ۽ سندن زالون پنهنجن ڪن يهودين خلاف ڏاڍيون دانهون ڪرڻ لڳا.


انهيءَ ڪري جو انهن ڏينهن تي يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو ۽ ان مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک بدلجي سک ٿيو ۽ سندن ماتم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. هن انهن ڏانهن لکيو تہ هو اهي ڏينهن دعوتون کائڻ، هڪٻئي ڏانهن عيدون موڪلڻ ۽ غريبن ۾ خيراتون ڏيڻ سان ملهائين.


جيڪڏهن اوهين منهنجي قوم مان ڪنهن غريب کي جيڪو اوهان وٽ رهي ٿو، ڪي پئسا اڌارا ڏيو، تہ لهڻيدار وانگر انهيءَ کي ڇڪ نہ ڪجو، نڪي کانئس وياج وٺجو.


جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.


جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو جڏهن پاڻ دانهون ڪندو تہ ٻڌڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو.


جيڪڏهن اوهين دل سان بکين جي سار لهندا، ۽ ڏکويلن جي دلجوئي ڪندا، تہ پوءِ اونداهيءَ ۾ بہ اوهان لاءِ روشني چمڪڻ لڳندي، هائو، اوهان جا ڏک ۽ مصيبتون خوشحاليءَ ۾ بدلجي ويندا.


”جيڪڏهن بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو هم‌قوم ماڻهو غريب يا محتاج ٿي پوي تہ اوهين انهيءَ جي مدد ڪجو، جيئن اوهين ڌارئي يا مسافر جي مدد ڪندا آهيو تہ جيئن هو اوهان منجھہ رهي سگھي.


پر هن سندس هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين هو قرض ادا نہ ڪري.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کان ڪو اڌارو گھري تہ هو کيس انڪار نہ ڪري، بلڪ جيڪڏهن ڪو اوهان کان ڪجھہ مفت گھري تہ بہ انهيءَ کي ڏيئي ڇڏيو.“


جيئن تہ ملڪ ۾ غريب تہ سدائين هوندا، تنهنڪري آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي غريب ۽ محتاج هم‌قوم لاءِ پنهنجو هٿ ڪشادو رکجو.“


خبردار، متان اوهان جي دل ۾ اهڙو بد خيال پيدا ٿئي تہ ستون سال، يعني معافيءَ وارو سال ويجھو آهي، سو اوهان جي نيت اوهان جي غريب هم‌قوم ڏانهن خراب ٿئي ۽ اوهين کيس ڪجھہ بہ نہ ڏيو. پوءِ هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اوهان جي لاءِ اهو گناهہ قرار ڏنو وڃي.


اوهين ڪنهن غريب ۽ محتاج مزدور کان ناجائز فائدو نہ وٺجو، پوءِ اهو اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان هجي يا انهن ڌارين مان جيڪي اوهان جي ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ رهندا هجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ