Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 15:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پر شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌو ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ڌيان ڏيئي ٻڌين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 15:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ جيڪو خداوند جو ٻانهو آهيان، تنهن کي انهن مان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. بيشڪ انهن تي عمل ڪرڻ سان بيحد اجر ملي ٿو.


اوهان منجھہ ڪوبہ غريب ڪين هوندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ ضرور برڪت ڏيندو، جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي.


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ قرض نہ کڻندا. اوهين گھڻين ئي قومن تي حڪومت ڪندا پر اوهان تي ڪابہ قوم حڪومت نہ ڪندي.


مون پنهنجي سوڳ جي وقت انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کاڌو، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهيءَ مان ڪجھہ ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهيءَ مان ڪجھہ ڏنو اٿم. مون تو خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪئي آهي. تو جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، مون تن موجب ڪيو آهي.


سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.


انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو.


اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجي روزاني زندگي مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پاڪ روح ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي ايمان وڌندو رهي.


تون رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿيءُ. ان سڄيءَ شريعت تي ڌيان سان عمل ڪر جيڪا مون پنهنجي ٻانهي موسيٰ معرفت ڏني. انهيءَ کان ذرو بہ ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦر، تہ جيئن جيڏانهن بہ تون وڃين تيڏانهن ڪامياب ٿئين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ