Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 15:2 - Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ جو طريقو هي آهي تہ جنهن بہ قرض‌خواہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجھہ قرض ڏنو هجي، سو انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏي. اهو پنهنجي قوم وارن کان زوريءَ نہ وٺي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ خداوند جي معافيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 انهي ڇوٽڪاري ڏيڻ جو نمونو هي آهي: تہ جنهن جنهن قرض خواہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجهہ اُڌارو ڏنو هجي؛ سو انهي کي ڇڏي ڏي؛ هو انهي جي لاءِ پنهنجي پاڙيسريءَ کان، يا پنهنجي ڀاءُ کان ڪابہ تنگ طلبي نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو خداوند جي نالي انهي ڇوٽڪاري جو اعلان ٿيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 15:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن آس‌پاس وارين قومن مان ڪي ماڻهو سبت واري ڏينهن يا ڪنهن ٻئي وڏي ڏينهن تي ڪي‌بہ شيون يا اناج وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا تہ اسين کانئن نہ وٺنداسون. هر ستين سال اسين زمين ۾ ڪابہ پوکي نہ ڪنداسون ۽ پنهنجا سمورا قرض معاف ڪري ڇڏينداسون.


تڏهن بہ اهي ائين چوندا ٿا رهن تہ ’اسين ڇو روزا رکون، جڏهن تہ خداوند انهن تي ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي؟ اسين ڇو پنهنجي جان کي ڏک ڏيون، جڏهن تہ هو انهيءَ جي خبر ئي نہ ٿو رکي؟‘“ خداوند کين ورندي ڏيئي چوي ٿو تہ ”حقيقت هيءَ آهي جو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين رڳو پنهنجو مطلب پورو ٿا ڪريو، ۽ پنهنجي نوڪرن کان سخت ڪم ٿا وٺو.


اسان جا ڏوهہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنهنجن ڏوهارين کي معاف ٿا ڪريون.


پر انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ هو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنهنڪري ٻنهي کي بخشي ڇڏيائين. هاڻي انهن ٻنهي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾ اوهين پنهنجن قرضدارن جا قرض معاف ڪري ڇڏجو.


ڌارئي ماڻهوءَ کان اوهين اهو طلب ڪري سگھو ٿا، مگر اوهان جي پنهنجي قوم واري ڏانهن جيڪي اوهان جو رهيل هجي، تنهن تان هٿ کڻي ڇڏجو.


پوءِ موسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾، يعني قرضن جي معافيءَ واري سال ۾، تنبن واري عيد جي موقعي تي،


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ