Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 15:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ”اوهان جي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا پيدا ٿين، سي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ وقف ڪري ڇڏجو. اوهين پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺجو، نڪي پنهنجي رڍن ٻڪرين مان پهرئين ڄاول ڦر جي اُن ڪترجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تنهنجن ڍورن ۽ تنهنجن ڌڻن ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا هجن، سي تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ڪري ڇڏج: تون پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺج، نڪي پنهنجي ڌڻ ۾ پهرئين ڄاول ٻچي جي اُن ڪترج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 15:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن جيڪو بہ پهريتو پٽ پيٽ مان نڪري سو اوهين خداوند لاءِ ڌار ڪجو. اوهان جي چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا نر ٻچا خداوند جا ٿيندا.


”بني اسرائيل ۾ جيڪي پهريتا پٽ ڄمن، سي سڀ منهنجي لاءِ وقف ڪج. ماڻهن جا پهريتا پٽ توڙي جانورن جا پهريتا نر ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.“


اوهين پنهنجي فصل ۽ ميون جي رس مان مون کي نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪجو. اوهين پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏجو.


اوهين پنهنجن ڏاندن ۽ رڍن سان بہ ائين ئي ڪجو. ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏجو.


سڀيئي پهريتا منهنجا آهن. اوهان جي چوپائي مال مان ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا نر ٻچا منهنجا آهن.


جانورن مان پهريون ڄاول ڦر اڳي ئي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو ويو آهي. تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو انهيءَ کي باس طور وقف نہ ڪري، پوءِ اهو ڳائو مال هجي توڙي ريڍو يا ٻاڪرو مال. اهو مون خداوند جو آهي.


هر پهريتو ٻار يا جانور، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند جي لاءِ نذر ڪندا سو تنهنجو ٿيندو. پر تون پهريتن ٻارن لاءِ عيوضو وٺي کين ڇڏي ڏي ۽ ناپاڪ جانور جي پهريتي ڦر لاءِ بہ عيوضو وٺ.


پر ڳئون، رڍ ۽ ٻڪريءَ جي پهريتن ڦرن جو تون عيوضو نہ وٺ، اهي مخصوص آهن. اهي قربان ڪيا وڃن ۽ انهن جو رت تون قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري ڇڏ ۽ انهن جي چرٻي قربانيءَ طور ساڙي ڇڏ تہ مون خداوند لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي.


هائو، شروع کان ئي خدا انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس فرزند جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس فرزند گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


پر اوهين پنهنجي اناج، مئي يا زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا، پنهنجيون باسون، پنهنجي خوشيءَ جون قربانيون يا پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجن شهرن جي اندر کائي نہ ٿا سگھو.


جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اُتي ئي اوهين پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جو ڏهون حصو ۽ پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر خداوند جي حضور ۾ وڃي کائجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سدائين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو.


جڏهن اوهين ٻانهي کي آزاد ڪري وڃڻ ڏيو، تڏهن اوهين انهيءَ ڳالهہ کي ڏکيو نہ سمجھجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڇهن سالن تائين ٻن مزدورن جيتري اوهان جي خدمت ڪئي آهي. ائين ڪرڻ ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجھندو.“


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


اها اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت


اوهين خدا جي انهن پهريتن يعني چونڊي پاڪ ڪيلن جي جماعت ۾ آيا آهيو، جن جا نالا خدا وٽ آسمان تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي منصف خدا وٽ آيا آهيو. اوهين خدا آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ