Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 15:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تہ پوءِ هڪڙي آر کڻي، گھر جي در وٽ انهيءَ جو ڪن ٽوپجو. پوءِ هو هميشہ جي لاءِ اوهان جو ٻانهو ٿيندو. اوهين پنهنجيءَ ٻانهيءَ سان بہ ائين ئي ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تہ پوءِ تون هڪڙي آر کڻي، انهي جي ڪن مان لنگهائي در ۾ ٽنبج، پوءِ هو هميشہ جي لاءِ تنهنجو غلام ٿيندو، ۽ تون پنهنجي ٻانهيءَ جي لاءِ بہ ساڳيءَ طرح ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 15:17
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن اهو غلام صاف طرح چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي مالڪ، پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجي ٻارن کي پيار ٿو ڪريان ۽ آءٌ آزاد ٿيڻ نہ ٿو گھران،‘


تڏهن هن جو مالڪ مون خدا کي شاهد بڻائي انهيءَ غلام کي در تي يا در جي چانئٺ تي آڻي بيهاريندو ۽ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو. پوءِ هو سڄي حياتيءَ لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.


پر جيڪڏهن اوهان جو غلام اوهان کي چوي تہ ’آءٌ اوهان وٽان وڃڻ نہ ٿو گھران‘ ۽ کيس اوهان سان ۽ اوهان جي گھر سان ايترو پيار هجي جو هو اوهان وٽ رهڻ ۾ خوش هجي،


جڏهن اوهين ٻانهي کي آزاد ڪري وڃڻ ڏيو، تڏهن اوهين انهيءَ ڳالهہ کي ڏکيو نہ سمجھجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڇهن سالن تائين ٻن مزدورن جيتري اوهان جي خدمت ڪئي آهي. ائين ڪرڻ ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجھندو.“


تڏهن حنہ اوڏانهن نہ ويئي. هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ ”جيستائين ٻار جو ٿڃ نہ ڇڏائينديس تيستائين اوڏانهن ڪين وينديس. پوءِ آءٌ ٻار کي وٺي اوڏانهن وينديس تہ جيئن هو خداوند جي آڏو حاضر ٿئي ۽ هميشہ اتي ئي رهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ