Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 15:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جيئن تہ ملڪ ۾ غريب تہ سدائين هوندا، تنهنڪري آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي غريب ۽ محتاج هم‌قوم لاءِ پنهنجو هٿ ڪشادو رکجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڇو جو غريب تہ سدائين ملڪ ۾ هوندا: تنهنڪري آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان تہ تون پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ، ۽ پنهنجي محتاج جي لاءِ، ۽ پنهنجي غريب جي لاءِ، پنهنجي مٺ کليل رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 15:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏيو ۽ منجھس پوک نہ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي قوم جا غريب پاڻمرادو ٿيل فصل کائي ڍءُ ڪن ۽ جيڪي باقي بچائين سو جھنگ جا جانور چرن. اوهين پنهنجي انگورن ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪريو.


جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.


شاهوڪار توڙي غريب ٻيئي هڪجهڙا انسان آهن، انهن ٻنهي جو خالق خداوند آهي.


هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي غريبن ۽ محتاجن جي پوري پوري مدد ڪري ٿي.


هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.


ڇاڪاڻ تہ غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کان ڪو اڌارو گھري تہ هو کيس انڪار نہ ڪري، بلڪ جيڪڏهن ڪو اوهان کان ڪجھہ مفت گھري تہ بہ انهيءَ کي ڏيئي ڇڏيو.“


غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن، سو جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿئي تڏهن انهن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس.


سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني عرش عظيم تي پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


غريب تہ هميشہ اوهان وٽ آهن، پر آءٌ هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.“


اهي پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي گھرج آهر ملندو هو.


جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن اوهان جي پنهنجي قوم وارن منجھان ڪو غريب اوهان جي شهر ۾ اوهان وٽ رهندو هجي، تہ اوهين انهيءَ غريب ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪجو، نڪي کانئس پنهنجي مٺ بند ڪجو.


بلڪ انهيءَ لاءِ پنهنجو هٿ ڪشادو ڪجو ۽ جيتري بہ کيس گھرج هجي اوترو کيس قرض ڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ