’هر ستين سال اوهان مان هر ڪو پنهنجي هر انهيءَ همقوم عبرانيءَ کي ضرور آزاد ڪري، جنهن پنهنجو پاڻ کي اوهان وٽ وڪيو هجي. هائو، ڇهن سالن جي خدمت چاڪريءَ کان پوءِ اوهين ان کي لازماً آزاد ڪريو.‘ پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون.
خبردار، متان اوهان جي دل ۾ اهڙو بد خيال پيدا ٿئي تہ ستون سال، يعني معافيءَ وارو سال ويجھو آهي، سو اوهان جي نيت اوهان جي غريب همقوم ڏانهن خراب ٿئي ۽ اوهين کيس ڪجھہ بہ نہ ڏيو. پوءِ هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اوهان جي لاءِ اهو گناهہ قرار ڏنو وڃي.