Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 14:29 - Muslim Sindhi Bible

29 انهيءَ لاءِ تہ لاوي جن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ ڌاريا، يتيم يا رنون‌زالون، جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پورهئي ۾ برڪت وجھندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 تہ لاوي، جنهن کي توسان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن؛ انهي لاءِ تہ جنهن بہ ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 14:29
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي هيڻن جي سار لهن ٿا. انهن کي مصيبت جي وقت تي خداوند ڇڏائيندو.


خداوند سندن حفاظت ڪندو ۽ حياتي بچائيندو. هو کين سندن ملڪ ۾ برڪتن سان نوازيندو، ۽ سندن دشمنن جي مرضيءَ تي کين هرگز نہ ڇڏيندو.


اهي رنن‌زالن ۽ يتيمن کي قتل ڪندا ٿا رهن، ۽ انهن ۾ رهندڙ ڌارين کي ڪهندا ٿا وتن.


ڪو تہ پئسا پاڻيءَ وانگر ٿو وهائي، تہ بہ وڃي ترقي ڪندو، ۽ ڪو وري حد کان وڌيڪ ڪنجوسي ٿو ڪري، تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.


جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.


اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رنن‌زالن سان انصاف ڪريو.“


اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هم‌وطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


خداوند هارون کي فرمايو تہ ”اوهان ڪاهنن کي ڪابہ ملڪيت ورثي ۾ نہ ملندي ۽ اوهان کي بني اسرائيل جي ملڪ مان ڪوبہ حصو نہ ڏنو ويندو. آءٌ خداوند ئي اوهان جي لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان.“


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ خيرات ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پاڪ ٿي پوندو.


پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مهربان آهي.


انهيءَ ڪري لاوين کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ورثو آهي، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا کين فرمايو.


اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


جيڪو بہ لاوي اوهان جي شهرن ۾ هجي، تنهن کي هرگز نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي.


اوهين هن کي فراخدليءَ سان ڏجو ۽ ڏيڻ وقت دل ۾ ڪُرڪجو نہ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏيڻ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۽ انهن سڀني معاملن ۾، جن ۾ اوهين هٿ وجھندا، اوهان کي برڪت ڏيندو.


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


اها اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت


جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا وٽ ڪا باس باسيو، تہ انهيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪجو، ڇو تہ خداوند ضرور اوهان کان انهيءَ جي طلب ڪندو ۽ تڏهن اوهين گنهگار ٿيندا.


خداوند جي حڪم سان اوهان جي گودامن ۾ ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ برڪت پوندي. جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ هو اوهان کي برڪت عطا ڪندو.


هو اوهان کي سڀني چڱين شين سان ڀريل گھر، جيڪي اوهان نہ ڀريا آهن، اهي کوٽيل حوض، جيڪي اوهان نہ کوٽيا آهن، اُهي انگورن جا باغ ۽ زيتون جا وڻ، جيڪي اوهان نہ پوکيا آهن، سي ڏيندو. جڏهن اوهين اهي کائي ڍءُ ڪريو،


مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ملائڪن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ