Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 14:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اُتي ئي اوهين پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جو ڏهون حصو ۽ پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر خداوند جي حضور ۾ وڃي کائجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سدائين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجي اَن، ۽ پنهنجي شراب، ۽ پنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ پنهنجي ڍورن، ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا خداوند جي حضور ۾ کائج؛ انهي لاءِ تہ تون هميشہ خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 14:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي.


بلڪ خداوند انهن کان ئي خوش ٿئي ٿو جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، هائو، انهن کان جيڪي سندس دائمي رحمت ۾ اميد رکن ٿا.


اوهين ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو. هائو، کانئس ڏڪندي ڏڪندي سندس بندگي ڪريو.


ياد رکو، اوهين رڳو مون قادرِمطلق خداوند کي پاڪ ڄاڻو، مون کان ئي ڊڄو ۽ منهنجو ئي خوف رکو.


پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


اوهين پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان پهرين ماني پچائي مون خداوند جي لاءِ نذراني طور پيش ڪجو. نذرانو ائين پيش ڪجو جيئن ڳاهہ جي پِڙ مان اناج وارو نذرانو پيش ڪندا آهيو.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جي قبيلن منجھان چونڊي ڪڍي، اتي ئي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪجو. جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان سي سڀ اتي ئي ڪجو.


خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ