Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 14:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ”اوهين پنهنجي ٻنيءَ جي سال بسال ٿيندڙ پيداوار منجھان، ڏهون حصو ضرور الڳ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تون پنهنجي ٻج جي پيدائش منجهان، جا سال بسال تنهنجيءَ ٻنيءَ مان حاصل ٿي ٿئي، ڏهون حصو ضرور ڏيندو رهج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 14:22
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتي مون هي يادگار پٿر کوڙيو آهي اتي تنهنجي عبادت‌گاهہ ٿيندي ۽ جيڪي ڪجھہ تون مون کي ڏيندين تنهن جو ڏهون حصو آءٌ تو کي ڏيندس.“


جڏهن فصل کڻو تڏهن پنجون حصو فرعون کي ڏجو. باقي ٻيا چار حصا ٻنين جي ٻج لاءِ، اوهين پنهنجي لاءِ، پنهنجي گھراڻي لاءِ ۽ پنهنجن ٻارن جي کاڌ خوراڪ لاءِ رکجو.“


سو يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون ٺاهي ڇڏيو تہ فصل جو پنجون حصو فرعون بادشاهہ کي ملي. اهو قانون اڄ ڏينهن تائين هلندو ٿو اچي. رڳو مذهبي اڳواڻن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي.


انهيءَ کان سواءِ اسين پنهنجي فصل مان پهرئين اٽي جو ڳوهيل چاڻو، پنهنجي وڻن جو پهريون ميوو ۽ پنهنجي تيار ڪيل پهرين مئي ۽ زيتون مان نڪتل پهريون تيل پنهنجي نذراني طور ڪاهنن وٽ پنهنجي خداوند جي هيڪل جي گدام ۾ رکڻ لاءِ آڻينداسون. اسين پنهنجي زمين جي پيداوار جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسون، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي اسان جي پوک وارين ٻنين جي پيداوار جو ڏهون حصو گڏ ڪندا آهن.


هارون جي اولاد مان هڪ ڪاهن ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت لاوين سان گڏ هوندو ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو اسان جي خدا جي هيڪل جي گدام ۾ گڏ ڪندا.


اوهين ڪمائيءَ جو پورو ڏهون حصو هيڪل جي گودام ۾ آڻيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي گھر ۾ کاڌو پيتو هجي. ائين ڪرڻ سان اوهين ڏسندا تہ آءٌ ڪيئن نہ آسمان جون دريون کولي اوهان تي برڪت وسايان ٿو يا نہ، اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


اوهين پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان پهرين ماني پچائي مون خداوند جي لاءِ نذراني طور پيش ڪجو. نذرانو ائين پيش ڪجو جيئن ڳاهہ جي پِڙ مان اناج وارو نذرانو پيش ڪندا آهيو.


خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”بني لاوي جيڪا خدمت مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون کين اهي سڀ ڏهان حصا ورثي طور ڏنا آهن جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا آهن.


اهو اوهين ۽ اوهان جا گھراڻا ڀلي هر ڪنهن هنڌ وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي انهيءَ خدمت جو معاوضو آهي جا اوهين مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪريو ٿا.


پر اوهين پنهنجي اناج، مئي يا زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا، پنهنجيون باسون، پنهنجي خوشيءَ جون قربانيون يا پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجن شهرن جي اندر کائي نہ ٿا سگھو.


اُتي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا ۽ پنهنجا ڏهان حصا، پنهنجيون باسون ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون ۽ پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا پيش ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ