Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 14:21 - Muslim Sindhi Bible

21 جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 جيڪو جانور پاڻيهي مري سو اوهين نہ کائجو: جيڪو پرديسي تنهنجو شهر ۾ هجي تنهن کي تون اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿو سگهين، يا اهو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي وڪڻي ٿو سگهين: ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهين. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 14:21
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهين منهنجي لاءِ مخصوص ٿيلن جي هڪ بادشاهت ۽ منهنجي لاءِ وقف ٿيل قوم ٿيندا.‘ اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.“


اوهين پنهنجن ڏاندن ۽ رڍن سان بہ ائين ئي ڪجو. ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏجو.


اوهين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار جو بهترين ڀاڱو مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻيو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌيو.“


هر سال اوهين پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻجو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ پچائجو.“


تڏهن مون وراڻيو تہ ”نہ، اي خداوند خدا! مون ڪڏهن بہ پاڻ کي ناپاڪ ٿيڻ نہ ڏنو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين مون ڪڏهن بہ ڪنهن مئل جانور جو گوشت نہ کاڌو آهي، پوءِ اهو پاڻيهي مئو هجي يا جانورن ان کي چيريو ڦاڙيو هجي. ڪوبہ پليت کاڌو مون هرگز نہ کاڌو آهي.“


ڪاهن اهڙي ڪنهن بہ پکيءَ يا جانور جو گوشت نہ کائيندا جيڪو پنهنجو پاڻ مري ويو هجي يا ڪنهن جانور انهيءَ کي ماريو هجي.“


تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“


هو وڏيءَ طاقت وارو ٿيندو، مگر پنهنجي شخصي لياقت سان نہ. هو عجيب طرح سان بربادي ڪندو ۽ جيڪي ڪجھہ ڪندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو زور وارن، بلڪ خدا جي چونڊيل بندن کي بہ ناس ڪندو.


جيڪو انهيءَ مئل جانور مان ڪجھہ کائي يا جيڪو انهيءَ جي مڙهہ کي کڻي تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ڇڏي، پر تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


بني اسرائيل مان يا ساڻن گڏ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي موت مئل يا جھنگلي جانورن جي ڦاڙيل ڪنهن ساهواري کي کائيندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو، تنهن کان پوءِ پاڪ ٿيندو.


جيڪو جانور پنهنجي موت مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جو گوشت کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.


پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.


پاڻ کي هن آخري زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ خدا کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. خداوند ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان اوهان کي پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.“


سواءِ ڪن قسمن جي پردار جيتن جي. سي اوهان لاءِ حلال آهن سو ڀلي اوهين کائجو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاڪ آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ