Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پر اوهين انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏجو. انهيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ پهريائين اوهان جو پنهنجو هٿ مٿس پوي ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر تون انهي کي ضرور قتل ڪج؛ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين تنهنجو هٿ مٿس پوي، ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو هٿ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي وڃ ۽ جن جن کيس لعنت ڪندي ٻڌو آهي، سي سڀيئي سندس گناهہ جي شاهديءَ طور پنهنجا هٿ سندس مٿي تي رکن ۽ پوءِ سڀيئي ماڻهو کيس سنگسار ڪري ڇڏين.


جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي.


”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.


جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو گناهہ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن عورت کي پٿر هڻي.“


هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا.


انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.


تہ اوهين انهيءَ عورت جو هٿ وڍي ڇڏجو ۽ مٿس ڪوبہ قياس نہ ڪجو.


اوهين انهن سڀني قومن کي جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي حوالي ڪندو، نابود ڪري ڇڏجو. اوهين انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪجو، نڪي انهن جي معبودن جي پوڄا ڪجو. ائين نہ ٿئي جو اهي اوهان جي لاءِ ڦندو ثابت ٿين.


پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي حوالي ڪري ۽ اوهين انهن کي شڪست ڏيو، تڏهن کين بلڪل نابود ڪري ڇڏجو. ساڻن ڪو عهد نہ ڪجو، نڪي مٿن رحم ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ