Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن اوهين انهيءَ تي ساڻس راضي نہ ٿجو، نڪي سندس ڳالهہ ٻڌجو. اوهين انهيءَ تي قياس نہ ڪجو، نڪي ساڻس ڪا مروت ڪجو ۽ نہ وري کيس لڪائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن بہ تون انهن جي ڳالهہ تي راضي نہ ٿج، نڪي انهن جو چوڻ ٻڌج؛ تون انهي تي قياس نہ ڪج، نڪي انهي سان ڪا مروت ڪج، نڪي انهي کي لڪائج:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين بڇڙن جي ڳالهين تي نہ هلو، توڙي جو اهي اوهان کي هرکائڻ لاءِ چون تہ


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجي سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجي مقدس هيڪل جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ بہ بنا ڪنهن درگذر يا رحم ڪرڻ جي اوهان کي وڍي ڪيرائي ڇڏيندس.


يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي اوهان جي آس‌پاس، ويجھا توڙي پري، بلڪ ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن،


اوهين انهيءَ تي قياس نہ ڪجو، بلڪ اهڙيءَ طرح بي‌گناهہ جو خون بني اسرائيل تان ٽاري ڇڏيندا تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو.“


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


هنن ڀوتن لاءِ قربانيون ڪيون جيڪي حقيقي معبود ڪين هئا، هائو، اهڙن ديوتائن لاءِ جن کان هو واقف ئي نہ هئا. اهي اهڙا نوان نوان ديوتا هئا جيڪي هاڻ اچي ظاهر ٿيا هئا، جن جي سندن ابن ڏاڏن بہ ڪڏهن تعظيم نہ ڪئي هئي.


اوهين انهن سڀني قومن کي جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي حوالي ڪندو، نابود ڪري ڇڏجو. اوهين انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪجو، نڪي انهن جي معبودن جي پوڄا ڪجو. ائين نہ ٿئي جو اهي اوهان جي لاءِ ڦندو ثابت ٿين.


پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي حوالي ڪري ۽ اوهين انهن کي شڪست ڏيو، تڏهن کين بلڪل نابود ڪري ڇڏجو. ساڻن ڪو عهد نہ ڪجو، نڪي مٿن رحم ڪجو.


سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ