Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:7 - Muslim Sindhi Bible

7 يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي اوهان جي آس‌پاس، ويجھا توڙي پري، بلڪ ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي تنهنجي آس پاس، ويجها توڙي پري، بلڪ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:7
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو بہ اخي‌اب گھراڻي جي رستي تي هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ سندس ماءُ کيس بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي صلاح ڏيندي هئي.


تڏهن اهي سڀ مرد جن کي خبر هئي تہ سندن زالون غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪنديون آهن ۽ اهي سڀ عورتون جيڪي وڏي انبوہ جي صورت ۾ اتي موجود هيون ۽ ساڻن گڏ اهي سڀ موجود ماڻهو پڻ جيڪي ڏکڻ توڙي اتر مصر ۾ رهندا هئا، تن مون يرمياہ کي چيو تہ


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀني اڳواڻن کي پڪڙي منهنجي اڳيان کين ڏينهن ڏٺي جو ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏ، تہ جيئن مون خداوند جو غضب بني اسرائيل تان ٽري وڃي.“


جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،


تڏهن اوهين انهيءَ تي ساڻس راضي نہ ٿجو، نڪي سندس ڳالهہ ٻڌجو. اوهين انهيءَ تي قياس نہ ڪجو، نڪي ساڻس ڪا مروت ڪجو ۽ نہ وري کيس لڪائجو.


جيڪي قومون اوهان جي آس‌پاس رهنديون هونديون، تن جي معبودن جي پٺيان نہ لڳجو،


هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ