Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:6
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”اهو سڀ تنهنجو قصور آهي جو هاجرہ مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. مون پاڻ اها تو کي ڏني هئي، پر جڏهن کان هوءَ پيٽ سان ٿي آهي تڏهن کان مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. شل خداوند انصاف ڪري تہ تو ۽ مون مان ڪير حق تي آهي.“


اي يونتن، منهنجا پيارا ڀاءُ! مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي. تون مون کي ڏاڍو وڻندو هُئين، جڏهن تہ تنهنجي بہ مون سان عجيب الفت هئي، هائو، عورت جي محبت کان بہ وڌ تنهنجي مون سان محبت هئي.


پوءِ الياس حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي پڪڙيو ۽ ڪنهن کي بہ ڀڄڻ نہ ڏيو.“ ماڻهن انهن سڀني کي پڪڙي ورتو. پوءِ الياس انهن کي قيسون جي برساتي نهر ۾ وٺي آيو ۽ اُتي کين مارائي ڇڏيائين.


تنهن کان پوءِ سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ ان کي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ جون سڀيئي قربان‌گاهون ۽ سندس مورتيون بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربان‌گاهن جي اڳيان ماري ڇڏيائون. پوءِ يهويدع ڪاهن خداوند جي هيڪل تي پهريدار مقرر ڪيا.


جيڪو بہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو طالبو نہ ٿيندو سو قتل ڪيو ويندو، پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو، مرد هجي يا عورت.


تنهن بعد سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ انهيءَ کي ڊاهي ڇڏيائون. هنن انهيءَ جون قربان‌گاهون ۽ سندس مورتيون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربان‌گاهن جي اڳيان قتل ڪري ڇڏيائون.


منهنجي دل ڳجھہ‌ڳوهہ ۾ انهن ڏانهن ڪين ڀٽڪي ويئي آهي، نڪي مون پنهنجي هٿ کي چمندي انهن کي ڪا تعظيم ڏني آهي.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي تلوار چيلهہ سان ٻڌي خيمي‌گاهہ ۾ در جي اندر هر طرف گشت ڪري ۽ پنهنجي پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پنهنجي دوست ۽ پنهنجي پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري.“


گھڻا دوست اهڙا هوندا آهن، جيڪي برباديءَ جو سبب ٿا بڻجن، پر ڪو اهڙو دوست بہ هوندو آهي، جيڪو ڀائرن کان بہ وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين ڪنهن ٻئي جي زال تي مست نہ ٿيو. هائو، جيڪا پنهنجي مڙس سان ئي وفادار ناهي تنهن کي ڀاڪر نہ وجھو.


سو مون وڃي حننياہ کي اهو پيغام ٻڌائيندي وڌيڪ چيو تہ ”اي حننياہ! ٻڌ، جيئن تہ خداوند تو کي ڪونہ موڪليو آهي، تہ بہ تو هن قوم کي ڪوڙ مٿان يقين ڪرڻ تي قائل ڪيو آهي.


تنهنڪري خداوند تو بابت فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو کي روءِزمين تان مِٽائڻ وارو آهيان. هن ئي سال تون مري ويندين، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“


اهو اتان جي رهاڪن جي ڪيل بڇڙائيءَ سببان ٿيو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري ۽ انهن لاءِ قربانيون پيش ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري. انهن معبودن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، نہ اوهان ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن.


اڃا بہ جيڪڏهن ڪو منهنجي نالي سان ڪوڙو پيغام ڏيندو، تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ جن کيس ڄڻيو آهي، سي پاڻ سندس موت جي فتويٰ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سو جڏهن هو پيغام ٻڌائيندو تڏهن سندس پنهنجا ماءُ پيءُ ئي کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا.


تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ دنياوي نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ دنياوي نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.


طهر جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.


تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.


پوءِ اوهين انهن قاعدن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.“


پوءِ ٿي سگھي ٿو تہ جنهن نشانيءَ يا معجزي جي هن خبر ڏني هجي سو پورو ٿئي ۽ هو اوهان کي چوي تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ آهيو.


يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي اوهان جي آس‌پاس، ويجھا توڙي پري، بلڪ ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن،


جيڪو ڪاهن اتي خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي يا جيڪو جج اتي مقرر هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي تہ انهيءَ شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. اوهين اهڙي خرابيءَ کي بني اسرائيل مان ڪڍي ڇڏجو.


پر جيڪو نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون کيس حڪم نہ ڏنو هوندو، يا وري جيڪو غير معبودن جي نالي ڪجھہ چوندو تہ انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي.‘


تہ پوءِ اوهين بہ ساڻس اها ئي حالت ڪجو، جيڪا هن پنهنجي قوم واري سان ڪرڻ ٿي گھري. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


تڏهن سندس شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.“


تہ پوءِ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گھر جي در تي ڪڍي اچن. اتي سندس شهر جا مرد کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ زناڪاري ڪري بني اسرائيل ۾ بي‌عزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پياري زال ۽ پنهنجي باقي بچيل ٻارن ڏانهن نيت خراب هوندي،


سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، عورت، خاندان يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي پوڄا ڪري. متان اوهان منجھہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جيڪا ٽُوهہ ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ۽ زهريلو ڦل ڏئي.


تڏهن اوهان جي دل ۾ مغروري اچي وڃي. پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري ويهو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


هي آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻهو مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري اوهان کي گمراهہ نہ ڪري وجھي.


سو تون اُٿ ۽ وڃي ماڻهن کي پاڪ ڪر. کين چئُہ تہ سڀاڻي منهنجي اڳيان اچڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪن. آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا هيئن چوان ٿو تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان وٽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪي مخصوص شيون آهن. جيستائين اوهين اهي پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي ڪين سگھندا.‘


پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ نبي سڏائيندڙ ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي تعليم ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ بدعتون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي گمراهہ ڪرڻ لاءِ معجزا ڏيکاري. انهن معجزن جي ڪري هو گمراهہ ٿي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيئرو ٿي پيو هو.


هن کيس انهيءَ اوڙاهہ ۾ اڇلائي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ تالي تي مُهر هڻي ڇڏيائين، تہ جيئن هزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراهہ نہ ڪري. انهيءَ کان پوءِ ضروري آهي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


هو خداوند کي ڇڏي بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


سو هاڻ اوهين انهن جِبعت شهر جي رهاڪو بدڪار ماڻهن کي اسان جي حوالي ڪريو تہ اسين کين قتل ڪريون ۽ اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان برائي ڪڍي ڇڏيون.“ پر بني بنيامين پنهنجي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن وارن جي ڳالهہ نہ مڃي.


بني اسرائيل جڏهن نوان نوان معبود چونڊي ڪڍيا هئا، تڏهن هڪ غير قوم شهرن تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن تہ ملڪ جي چاليهہ هزار جنگي جوڌن وٽ مقابلي لاءِ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ئي ڪونہ هو.


دائود جڏهن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي، تنهن ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس سندس پيءُ جي گھر ڏانهن موٽي وڃڻ نہ ڏنائين. هوڏانهن سائول جي پٽ يونتن جي دائود سان ايتري تہ دل اٽڪي ويئي جو هو دائود سان پنهنجيءَ جان جيان محبت ڪرڻ لڳو


۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


يونتن دائود کان انهيءَ محبت منجھان جيڪا هن سان هئس وري بہ قسم کڻايو، ڇاڪاڻ تہ يونتن ساڻس پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ