Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:5
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو خدا جو اهو ٻانهو انهيءَ سان گڏ موٽي آيو ۽ سندس گھر ۾ کاڌائين پيتائين.


پوءِ الياس حڪم ڏنو تہ ”بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي پڪڙيو ۽ ڪنهن کي بہ ڀڄڻ نہ ڏيو.“ ماڻهن انهن سڀني کي پڪڙي ورتو. پوءِ الياس انهن کي قيسون جي برساتي نهر ۾ وٺي آيو ۽ اُتي کين مارائي ڇڏيائين.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد ڪيو تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي دل وَ جان سان مڃينداسين، يعني جيڪي عهد واريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“


تنهنڪري هي نبي سڏائيندڙ، جن کي مون ڪين موڪليو آهي ۽ جيڪي منهنجي نالي تي ماڻهن کي چون ٿا تہ ’ڪابہ جنگ يا ڏڪار هن ملڪ ۾ ڪين ايندو،‘ تن بابت مون خداوند جو فرمان آهي تہ اهي ساڳيا نبي سڏائيندڙ پڻ جنگ ۽ ڏڪار ذريعي ناس ڪيا ويندا.


تنهنڪري مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس نسل کي اهڙي سزا ڏيندس جو قوم مان سندن نالو نشان ئي مٽجي ويندو. هو اهي چڱا ڪم ئي نہ ڏسندو جيڪي آءٌ پنهنجي قوم لاءِ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“


منهنجي قوم ڀٽڪيل رڍن وانگر ٿي پيئي آهي. انهن جي ڌنارن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، تہ جيئن هو جبلن تي ڀٽڪندا وتن. اهي جبلن ۽ ٽڪرين تي رلندا ٿا وتن ۽ کانئن پنهنجي آرام جي جاءِ جو رستو ئي وسري ويو آهي.


پر مون کين اهو حڪم ڏنو هو تہ ’منهنجي فرمانبرداري ڪريو تہ آءٌ اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا. جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان، تنهن تي هلو تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي.‘


اڃا بہ جيڪڏهن ڪو منهنجي نالي سان ڪوڙو پيغام ڏيندو، تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ جن کيس ڄڻيو آهي، سي پاڻ سندس موت جي فتويٰ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سو جڏهن هو پيغام ٻڌائيندو تڏهن سندس پنهنجا ماءُ پيءُ ئي کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا.


پر بريسوع عرف اليماس، جنهن جي معنيٰ آهي ”جادوگر،“ تنهن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي.


اوهين انهيءَ کي سنگسار ڪجو تہ جيئن هو مري وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان جتي اوهين غلام هئا، ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان هن اوهان کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


تہ پوءِ اوهين ضرور انهيءَ شهر جي رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏجو. اوهين انهيءَ شهر کي ۽ جيڪي بہ منجھس هجن، تن سڀني کي چوپائي مال سميت تلوار جي ڌار سان نيست وَ نابود ڪري ڇڏجو.


پر اوهين انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏجو. انهيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ پهريائين اوهان جو پنهنجو هٿ مٿس پوي ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو.


تڏهن جنهن اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، پوءِ اهو مرد هجي توڙي عورت، تنهن کي اوهين شهر کان ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو.


انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پهريائين اهي شاهد مٿس پٿر اڇلائين، پوءِ باقي ٻيا ماڻهو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.“


پر جيڪو نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون کيس حڪم نہ ڏنو هوندو، يا وري جيڪو غير معبودن جي نالي ڪجھہ چوندو تہ انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي.‘


تہ پوءِ اوهين بہ ساڻس اها ئي حالت ڪجو، جيڪا هن پنهنجي قوم واري سان ڪرڻ ٿي گھري. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


تہ پوءِ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گھر جي در تي ڪڍي اچن. اتي سندس شهر جا مرد کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ زناڪاري ڪري بني اسرائيل ۾ بي‌عزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


تہ پوءِ اوهين انهن ٻنهي کي ان شهر جي در تي آڻي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو. ڇوڪريءَ کي انهيءَ ڪري ماريو جو هوءَ شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين ۽ مرد کي انهيءَ ڪري جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مڱ کي بي‌آبرو ڪيو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


مون پنهنجي سوڳ جي وقت انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کاڌو، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهيءَ مان ڪجھہ ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهيءَ مان ڪجھہ ڏنو اٿم. مون تو خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪئي آهي. تو جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، مون تن موجب ڪيو آهي.


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


بلڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، انهيءَ جي ئي عبادت ڪجو ۽ انهيءَ جي ئي نالي جو قسم کڻجو.


اهي اوهان جي اولاد کي خداوند کان ڦيرائي ڇڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ هو غير معبودن جي پوڄا ڪن. تڏهن خداوند جو غضب اوهان تي اچي ڪڙڪندو ۽ هو هڪدم اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو.


پر خداوند پنهنجي خدا سان چهٽيل رهجو جيئن اڄ ڏينهن تائين رهيا آهيو.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


سو هاڻ اوهين انهن جِبعت شهر جي رهاڪو بدڪار ماڻهن کي اسان جي حوالي ڪريو تہ اسين کين قتل ڪريون ۽ اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان برائي ڪڍي ڇڏيون.“ پر بني بنيامين پنهنجي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن وارن جي ڳالهہ نہ مڃي.


تنهنڪري جيڪڏهن اوهين خداوند جو خوف ڪندا رهندا، سندس عبادت ڪندا، انهيءَ جا ئي حڪم مڃيندا ۽ سندس خلاف باغي نہ ٿيندا، هائو، جيڪڏهن اوهين توڙي اهو بادشاهہ جيڪو اوهان تي بادشاهي ٿو ڪري، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪندا تہ اهو اوهان ۽ اوهان جي بادشاهہ لاءِ چڱو ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ