شريعت جو دور 13:3 - Muslim Sindhi Bible3 تڏهن اوهين انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌجو. خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 تہ تون انهيءَ نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌج: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائيندو، تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘