Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 13:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ ٿي سگھي ٿو تہ جنهن نشانيءَ يا معجزي جي هن خبر ڏني هجي سو پورو ٿئي ۽ هو اوهان کي چوي تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جنهن نشان يا عجيب ڪم جي هو توکي خبر ڏئي، سو پورو ٿئي، ۽ پوءِ هو توکي اهڙن معبودن جي پيروي ڪرڻ ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ لاءِ چوي، جن کان تون ناواقف هجين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 13:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ لاءِ هيءَ نشاني هوندي تہ هيءَ قربان‌گاهہ ڦاٽي پوندي ۽ جيڪا رک انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ اهو ضرور ماريو وڃي.


تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو. سو فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ جيئن خداوند اڳ ئي فرمايو هو تيئن هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي.


آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


تنهنڪري اوهين پنهنجن انهن نبي سڏائيندڙن، غيبدانن، خواب جو تعبير ڪندڙن، فال وجھندڙن يا جادوگرن جي ڳالهہ نہ ٻڌجو، جيڪي اوهان کي اڳڪٿي ڪري ٻڌائين ٿا تہ ”اوهين بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪندا.“


پر جيڪو امن وَ امان بابت اڳڪٿي ڪري ٿو، تنهن کي خداوند جو موڪليل نبي تڏهن ئي تسليم ڪبو جڏهن ان جي اڳڪٿي سچي ثابت ٿئي.“


بوتا ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، ۽ فالون وجھندڙ ڪوڙيون رويائون ٿا ڏسن. هو ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي دلداري ٿا ڏين، جڏهن تہ هنن جي اها دلداري اجائي آهي. سو ماڻهو بنا ريڍار جي رڍن وانگر رلي ويا آهن، هائو، کين ستايو وڃي ٿو، ڇو تہ سندن ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي.


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.


ڪي ڪميڻا ماڻهو اوهان جي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا هجن تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ هجو.


جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،


پر جيڪو نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون کيس حڪم نہ ڏنو هوندو، يا وري جيڪو غير معبودن جي نالي ڪجھہ چوندو تہ انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي.‘


تنهن لاءِ اهو ياد رکي ڇڏيو تہ جڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ خداوند جي نالي ڪجھہ چوي، پر سندس چوڻ موجب نہ ٿئي ۽ هن جي ڳالهہ پوري نہ ٿئي، تہ اها ڳالهہ خداوند طرفان نہ آهي، بلڪ اها انهيءَ نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري چئي آهي. سو متان اوهين انهيءَ کان ڊڄو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ