Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 12:5
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن هي ماڻهو يروشلم ۾ وڃي خداوند جي گھر ۾ قربانيون پيش ڪندا، تہ هنن جون دليون وري پنهنجي مالڪ يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام ڏانهن ڦري وينديون ۽ پوءِ هو مون کي ماري وري رحبعام کي پنهنجو بادشاهہ بڻائيندا.“


هوڏانهن رحبعام ولد سليمان يهوداہ جو بادشاهہ هو. جڏهن هو بادشاهہ ٿيو، تڏهن سندس عمر ايڪيتاليهہ سال هئي. يروشلم جو شهر جيڪو خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي شهرن مان چونڊيو هو، تنهن ۾ هن سترهن سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو نعمہ هو جا بني عمون مان هئي.


’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي. پر مون تہ رڳو تو دائود کي چونڊيو تہ تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي راڄ ڪرين.‘“


سو خداوند هاڻ پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو آهي. آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جو جاءِ‌نشين بڻيو آهيان ۽ بني اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان. مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي نالي تي اهو گھر جوڙايو آهي.


پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


هي گھر جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ ’انهيءَ تي مون خداوند جو نالو رهندو،‘ تنهن تي ڏينهن رات تنهنجي نگاهہ رهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو انهيءَ جاءِ ڏانهن منهن ڪري گھري سا تون ٻڌندين.


عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘


سو دائود چيو تہ ”هتي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ ئي خداوند جي هيڪل ٺاهي ويندي ۽ اڳتي هيءَ ئي بني اسرائيل لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ جي قربان‌گاهہ ٿيندي.“


تڏهن رات جو خداوند کيس ڏيکاري ڏيندي چيو تہ ”مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ هن هيڪل کي پنهنجي لاءِ قربانين واسطي قبول ڪيو اٿم.


تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربان‌گاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


جنهن خدا پنهنجو نالو يروشلم ۾ قائم ڪيو آهي سو شل انهن سڀني بادشاهن ۽ ماڻهن کي ناس ڪري جيڪي هن حڪم کي نہ مڃيندي سندس هيڪل کي ناس ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگھيرين. مون اهو حڪم جاري ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪري ان تي پوريءَ طرح عمل ڪيو وڃي.“


انهيءَ رقم مان ڍڳا، گھٽا، گھيٽا ۽ اناج جي قربانين سان گڏ اوتڻ وارين قربانين جو سامان خريد ڪج ۽ اُهي يروشلم ۾ کڻي وڃي پنهنجي خدا جي گھر جي قربان‌گاهہ تي قربان ڪج.


پر جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ پوءِ جيڪي اوهان مان توڙي جو ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي بہ جلاوطن ٿي ويا هوندا تہ آءٌ انهن کي اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جيڪو هنڌ مون پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘


بلڪ هن يهوداہ جي قبيلي کي انهيءَ جي لاءِ چونڊي ڪڍيو، يعني صيئون جبل کي چونڊيائين، جنهن سان کيس ڏاڍو پيار هو.


منهنجي طاقت ۽ راڳ خداوند آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي. آءٌ سندس تعريف ڪندس، جو هو ئي منهنجو خدا آهي، بلڪ منهنجي پيءُ جو بہ اهو ئي خدا آهي، آءٌ سندس واکاڻ ڳائيندس.


اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس.


اُتي آءٌ تو سان ملندس. رحمت جي پوش مٿان ۽ عهد واري صندوق تي جيڪي ٻہ مجسما هوندا تن جي وچ مان آءٌ انهن سڀني حڪمن جي باري ۾ جيڪي بني اسرائيل کي ڏيڻا هوندم، تو سان ڳالهائيندس.“


”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ.


هاڻ اوهين ان هنڌ ڏانهن وڃو جيڪو سيلا ۾ آهي، جتي مون پنهنجي نالي سان پهرين رهائش اختيار ڪئي هئي. اوهين وڃي ڏسو تہ اُتي پنهنجي قوم بني اسرائيل سان مون سندن بڇڙائيءَ جي ڪري ڇا ڇا ڪيو.


تنهنڪري آءٌ پنهنجي نالي تي سڏجندڙ هن گھر جو، جنهن تي اوهان جو ڀروسو آهي ۽ انهيءَ جاءِ جيڪا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن جو بہ اهڙو ئي حال ڪندس جهڙو مون سيلا جو ڪيو هو.


يعني انهيءَ کي مون خداوند جي واسطي قرباني ڪرڻ لاءِ مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي ذبح نہ ڪندو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي خون جو الزام ايندو، ڇاڪاڻ تہ هن رت وهايو آهي. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس ملاقات واري خيمي ۾ ويو تڏهن عهد واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن مٿان پردار آسماني مخلوق جي ٻنهي مجسمن جي وچ مان خداوند کي پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌائين.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


خبردار ٿجو، متان جيڪا بہ جاءِ ڏسو، اتي ئي پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو.


بلڪ اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئر، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن، سي سڀ اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهيءَ جاءِ تي کائجو، جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي ڪيل ڪمن بابت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ملهائجو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪن ٿا.


جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اُتي ئي اوهين پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جو ڏهون حصو ۽ پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر خداوند جي حضور ۾ وڃي کائجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سدائين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو.


پر جيڪڏهن اها عبادت واري جاءِ اوهان کان گھڻو پري هجي ۽ رستو بہ ايترو ڊگھو هجي، جو خداوند اوهان جو خدا جڏهن اوهان کي برڪت ڏئي، تڏهن اوهين پنهنجو ڏهون حصو اوڏانهن کڻي وڃي نہ سگھو،


اهي اوهين پنهنجي گھراڻي سميت، انهيءَ جاءِ تي جيڪا خداوند اوهان جو خدا چونڊيندو، سال بسال کائيندا رهجو.


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي وڃي خوشيون ڪندي ملهائجو. جيئن تہ خداوند اوهان جي خدا اوهان جي سموري پيداوار ۾ ۽ اوهان جي هٿ جي سموري پورهئي ۾ برڪت وڌي آهي، سو اوهين پوريءَ طرح خوشيون ڪجو.


تنهنڪري جيڪا جاءِ خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اُتي اوهين پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد فصح جي قرباني ڪجو.


بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اُتي ئي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت اوهين مصر مان نڪتا هئا، انهيءَ وقت عيد فصح جي قرباني ڪجو.


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين اهو گوشت پچائي کائجو. پوءِ صبح جو موٽي پنهنجي رهائش‌گاهہ ڏانهن هليا وڃجو.


”جيڪڏهن اوهان جون پاڻ ۾ خون، دعويٰ يا مار ڪُٽ جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو اوهان جي شهر اندر ٿيڻ اوهان جي لاءِ تمام ڏکيو هجي، تہ پوءِ اوهين اهو فيصلو انهيءَ عبادت واري جاءِ تي کڻي وڃجو، جا خداوند اوهان جو خدا چونڊيندو.


سڄي ملڪ منجھان اوهان جي ڪنهن بہ شهر ۾ رهندڙ ڪو لاوي جيڪڏهن پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان انهيءَ جاءِ تي اچي، جيڪا خداوند چونڊيندو،


تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهيءَ هنڌ کڻي وڃجو جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي.


جڏهن سڀ بني اسرائيل خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ تي اچي حاضر ٿين، تڏهن اوهين هيءَ شريعت انهن سڀني کي پڙهي ٻڌائجو.


سو انهن کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ذات جي سڄي ڀرپوري، مجسم طور مسيح ۾ ئي ٿي رهي


ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار ملائڪن جي محفل آهي.


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


پر جڏهن ٻين بني اسرائيل وارن کي ٻڌايو ويو تہ ”بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي ڪنعان جي سرحد تي اردن درياءَ جي ويجھو اسان بني اسرائيل واري پاسي تي قربان‌گاهہ ٺاهي آهي،“


انهيءَ سان گڏوگڏ يشوع انهن کي قوم جي لاءِ ۽ خداوند جي قربان‌گاهہ جي لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪيءَ جي ڪم تي مقرر ڪيو. اڄ ڏينهن تائين هو انهيءَ قربان‌گاهہ واري جاءِ ۾ اهو ڪم ڪندا ٿا اچن، جا خدا پنهنجي لاءِ چونڊي هئي.


پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ