Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 12:31 - Muslim Sindhi Bible

31 خبردار! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو، جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي معبودن لاءِ هر اهو ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن کان خدا کي نفرت آهي. ايتري قدر جو انهن پنهنجي معبودن جي نالي تي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ساڙيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 پر تون خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪج: ڇالاءِ جو هرڪو ڪراهت جهڙو ڪم، جنهن کان خدا کي نفرت آهي، سو انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيو آهي؛ بلڪ اهي پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي بہ معبودن جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 12:31
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اٽلندو هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو. جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي عمل ڪندي هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو.


عوا جي ماڻهن نبحاز ۽ ترتاق جا بت ٺاهيا. سفروائم جي ماڻهن پنهنجي ديوتائن ادرملڪ ۽ عنملڪ لاءِ پنهنجا ٻار ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيا.


جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ، جيڪو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، تنهن کي شهر جي ڀت تي موآب جي معبود لاءِ قربانيءَ طور پيش ڪيو. تنهن تي اسرائيل جي لشڪر تي دهشت ڇانئجي ويئي ۽ هو شهر کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.


جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بي‌حرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.


ڪنعان ملڪ جي انهن ڀوتن جي آڏو هنن پنهنجا ٻچا بہ قربان ڪيا. هائو، پنهنجي معصوم پٽن توڙي ڌيئرن جو رت وهائي، هنن پنهنجي ملڪ کي پليت ڪري ڇڏيو.


اوهين بڇڙائي ڪرڻ ۾ ماڻهن جي انبوهہ جي پيروي نہ ڪريو، نڪي ڪنهن معاملي ۾ ناحق ڪرڻ لاءِ گھڻن ماڻهن جو طرف وٺي پنهنجي شاهدي ڦيرايو.


هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“


هنوم ماٿريءَ ۾ توفت نالي جڳهہ تي هنن پوڄا جون جايون ٺاهيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ اتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي قرباني پيش ڪن. پر مون کين اهڙو ڪوبہ حڪم نہ ڏنو هو ۽ نہ ئي وري منهنجي ڌيان ۾ ڪا اهڙي ڳالهہ هئي.


بلڪ اڄ ڏينهن تائين اوهين بتن تي پنهنجا نذرانا پيش ڪندي ۽ پنهنجي ٻارن کي باهہ ۾ قربان ڪندي انهن ئي بتن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪندا رهيا آهيو. تڏهن بہ اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين وري بہ مون کان پڇڻ لاءِ ڇو هلي آيا آهيو؟ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘“


اهڙيءَ طرح آءٌ تنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاري جيڪا تون مصر ملڪ کان ڪندي آئي آهين، سا تو کان بلڪل ڇڏائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو تون وري انهن ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ ڏسندينءَ، نہ ئي وري مصر کي ياد ڪندينءَ.


اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


اوهين مصر جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم نہ ڪجو، جتي اوهين رهندا هئا، نڪي وري ڪنعان جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم ڪجو، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان. اوهين انهن جي رسمن تي نہ هلجو.


بني اسرائيل لاءِ فرمايو تہ ”اوهان مان يا اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي ٻارن مان ڪو مولڪ ديوتا کي نذر ڪري ڏيندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.


ڇا خداوند هزارين گھيٽن يا زيتون جي تيل جون نديون پيش ڪرڻ سان اسان تي راضي ٿيندو؟ ڇا اسين پنهنجي گناهن جي عيوض پنهنجا پهريتا ٻار سندس آڏو پيش ڪريون، جيڪي اسان کي پنهنجيءَ جان کان بہ وڌيڪ پيارا آهن؟“


تڏهن اوهين خبردار ٿجو، متان انهن جي برباد ٿيڻ کان پوءِ اوهين بہ انهن جي معبودن جي پٺيان لڳي ڦندي ۾ ڦاسو. هائو، متان انهن جي معبودن بابت پڇا ڪريو تہ ’اهي قومون ڪهڙيءَ طرح پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون، تہ اسين بہ ائين ئي خداوند جي عبادت ڪريون.‘


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪن ٿا.


انهيءَ لاءِ تہ متان اهي ڪراهت جهڙا ڪم، جيڪي هنن پنهنجي معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ سيکارين ۽ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.


سو جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي، تڏهن اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئجو تہ ’اسان جي سچائيءَ جي ڪري خداوند اسان کي هن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هتي آندو آهي.‘ بلڪ حقيقت ۾ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند کين ڀڄائي ٿو ڪڍي.


اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ