شريعت جو دور 12:3 - Muslim Sindhi Bible3 اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو ۽ هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن معبودن جون تراشي ٺاهيل مورتيون ساڙي ڇڏجو، بلڪ اوهين انهيءَ هنڌان انهن جو نالو ئي مِٽائي ڇڏجو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ۽ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون باهہ سان ساڙي ڇڏجو؛ ۽ اوهين هنن جي معبودن جون اُڪريل مورتون وڍي ڪيرائي ڇڏجو؛ ۽ اوهين انهي هنڌان هنن جو نالو ئي مٽائي ڇڏجو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.
جڏهن جشن پورو ٿيو، تڏهن اتي جيڪي ماڻهو آيا هئا سي سڀ نڪري يهوداہ جي ٻين شهرن ڏانهن ويا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان بت، يسيرہ ديويءَ وارن ٿنڀي جيان کوڙيل بتن سميت ڀڃي ڪيرائي ڇڏيائون. هنن يهوداہ ۾، بنيامين جي علائقي ۾، بلڪ افرائيم ۽ منسيءَ جي علائقن ۾ بہ ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ۽ قربانگاهون تباهہ ڪري ڇڏيون. تنهن کان پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي ويا.