Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 12:21 - Muslim Sindhi Bible

21 جيڪڏهن اهو گھر جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي سو اوهان کان گھڻو پري هجي، تہ پوءِ خداوند اوهان کي جيڪي ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڏنيون آهن، تن مان ڪنهن کي بہ ذبح ڪري، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن پنهنجي دل جي خواهش موجب پنهنجن شهرن جي اندر کائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ جيڪڏهن اهو هنڌ جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي سو تو کان گهڻو پري هجي، تہ پوءِ خداوند توکي جيڪي ڍور ۽ ڌڻ ڏنا هجن، تن مان ڪنهن کي بہ ذبح ڪري، پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب، پنهنجن دروازن جي اندر کائج، جيئن ڪ مون توکي حڪم ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 12:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوڏانهن رحبعام ولد سليمان يهوداہ جو بادشاهہ هو. جڏهن هو بادشاهہ ٿيو، تڏهن سندس عمر ايڪيتاليهہ سال هئي. يروشلم جو شهر جيڪو خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي شهرن مان چونڊيو هو، تنهن ۾ هن سترهن سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو نعمہ هو جا بني عمون مان هئي.


رحبعام بادشاهہ يروشلم ۾ پاڻ کي مضبوط ڪري رهڻ لڳو ۽ سندس بادشاهي جاري رهي. جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ايڪيتاليهہ سال هئي. سترهن سال هن يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي، جنهن شهر کي خداوند بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان پنهنجي نالي کي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو. رحبعام بادشاهہ جي ماءُ جو نالو نعمہ هو جيڪا عمونين مان هئي.


جنهن خدا پنهنجو نالو يروشلم ۾ قائم ڪيو آهي سو شل انهن سڀني بادشاهن ۽ ماڻهن کي ناس ڪري جيڪي هن حڪم کي نہ مڃيندي سندس هيڪل کي ناس ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگھيرين. مون اهو حڪم جاري ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪري ان تي پوريءَ طرح عمل ڪيو وڃي.“


اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


پر جيڪڏهن اوهين پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب گوشت کائڻ چاهيو تہ اوهين پنهنجن شهرن اندر، خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل برڪت موجب جانور ڪهي گوشت کائي ٿا سگھو، توڙي اوهين پاڪ هجو يا ناپاڪ، جيئن اوهين ڦاڙهو يا هرڻ کائو ٿا.


جڏهن خداوند اوهان جو خدا پنهنجي واعدي موجب اوهان جي سرحد وڌائي ۽ اوهان جي گوشت کائڻ تي دل ٿئي ۽ اوهين چئو تہ ’اسين گوشت کائون،‘ تڏهن اوهين پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب ڀلي گوشت کائو.


جهڙيءَ طرح ڦاڙهي يا هرڻ کي کائبو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين پاڪ هجو توڙي ناپاڪ انهيءَ مان کائي ٿا سگھو.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اُتي ئي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت اوهين مصر مان نڪتا هئا، انهيءَ وقت عيد فصح جي قرباني ڪجو.


تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهيءَ هنڌ کڻي وڃجو جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ