Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 12:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اتي اوهين ضرور انهن سڀني جاين کي برباد ڪري ڇڏجو، جتي جتي اهي قومون جن جي اوهين جاءِ وٺندا، سي اوچن جبلن ۽ ٽڪرين تي ۽ هر هڪ سائي وڻ جي هيٺ پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اوهين ضرور اهي سڀ جايون برباد ڪري ڇڏجو، جتي اهي قومون، جن جا اوهين وارث ٿيندا، سي اُتانهن جبلن تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ، پنهنجن معبودن جي عبادت ڪنديون هيون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 12:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن پنهنجي لاءِ غير معبودن وارا پوڄا گھر ٺاهيا. هنن ٽڪرين تي ۽ وڏي ڇانوري وارن وڻن هيٺ پٿر جا ٿنڀا ۽ يسيرہ ديويءَ جون مورتيون بہ لڳايون.


ماڻهو تڏهن مختلف هنڌن تي وڃي قربانيون پيش ڪندا هئا، ڇو تہ انهن ڏينهن تائين خداوند جي عبادت لاءِ اڃا ڪابہ مستقل هيڪل نہ ٺاهي ويئي هئي.


تنهن کان پوءِ سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ ان کي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ جون سڀيئي قربان‌گاهون ۽ سندس مورتيون بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربان‌گاهن جي اڳيان ماري ڇڏيائون. پوءِ يهويدع ڪاهن خداوند جي هيڪل تي پهريدار مقرر ڪيا.


هو غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾، ٽڪرين جي چوٽين تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندو هو.


غير معبودن جا اهي پوڄا گھر جيڪي يروشلم جي اوڀر ۾ ۽ برباديءَ واري ٽڪر جي ڏکڻ طرف هئا، تن جي يوسياہ بادشاهہ بي‌حرمتي ڪرائي ڇڏي. اهي پوڄا گھر بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي ديوي عستارات، موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي لاءِ جوڙايا هئا.


هنن پنهنجي بت‌خانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪريو، بلڪ اوهين انهن کي اصل ڊاهي ڇڏيو ۽ انهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.


اعليٰ عملدار انهن ماڻهن کي وڌيڪ چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادت‌گاهون ۽ قربان‌گاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربان‌گاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘


اوهين عبادت ڪرڻ لاءِ تہ نڪرو ٿا پر يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ قربان‌گاهن وٽ اچي پوڄا ڪريو ٿا جيڪي هر سائي وڻ، ٽڪرين جي چوٽين


خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! گھڻو اڳي مون تنهنجي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي هئي، ۽ تنهنجا قيد وارا رسا ٽوڙي ڇڏيا هئا. پر تو چيو تہ ’آءٌ خدا جي تابعداري نہ ڪنديس،‘ جڏهن تہ تون بتن جي پوڄا ۾ هر ڪنهن اوچي ٽڪريءَ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڪڃريءَ وانگر ٽنگون ٽيڙيو پيئي آهين.


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


ٽڪر تي ٺهيل جاين ڏانهن پنهنجيون اکيون کڻي نهاري ڏس تہ اتي ڪابہ اهڙي جاءِ آهي جتي تو سان ڪو ستو نہ هجي؟ تون بيابان جي رستن جي ڪناري پنهنجي يارن لاءِ ائين انتظار ۾ ويٺي آهين، جيئن بدوي رستن تي ويهي ايندڙ ويندڙ سان وهنوار ڪندا آهن. تو هن ملڪ کي پنهنجي اهڙي زناڪاري ۽ بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.


اهي جبلن جي چوٽين تي رکيل بتن جي آڏو وڃي نذرانا ٿا پيش ڪن. ٽڪرين تي جيڪي شاهہ‌بلوط، ديال ۽ تارپين جا ڇانويري وارا وڻ آهن، تن جي هيٺان وڃي اهي قربانيون ٿا ڪن. اي اسرائيل وارؤ! اوهان جون نوجوان ڌيئرون، ۽ ننهرون پوڄا ڪندي زنا ٿيون ڪرائين.


ٻئي ڏينهن صبح جو بلق بلعام کي پاڻ سان بامات‌بعل جي مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، جتان بلعام بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ جو آخري حصو ڏسي ٿي سگھيو.


اٽلندو اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو جو سندن قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏجو، هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن تراشيل مورتيون ساڙي ڇڏجو.


پر اوهين هن ملڪ جي رهندڙن سان ڪوبہ عهد نہ ڪجو، بلڪ هنن جون قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏجو.‘ مگر اوهان منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي. اوهان ائين ڇو ڪيو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ