شريعت جو دور 12:14 - Muslim Sindhi Bible14 بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جي قبيلن منجھان چونڊي ڪڍي، اتي ئي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪجو. جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان سي سڀ اتي ئي ڪجو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 پر جيڪا جاءِ خداوند تنهنجن قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، اتي ئي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪجو؛ ۽ جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي سڀ اتي ئي ڪجو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادتگاهون ۽ قربانگاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربانگاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.